ڀارتي ايجنسي ”را“ جي ايجنٽ ڪل ڀوشن يادو کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ڀارتي ايجنسي ”را“ جي ايجنٽ ڪل ڀوشن يادو کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪل ڀوشن يادو جي موت واري سزا جي توثيق ڪري ڇڏي، ڪل ڀوشن جو فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ڪيو ويو، ڪل ڀوشن پاڪستان جي سالميت کي نقصان پهچايو، ڪل ڀوشن کي دفاع جي لاءِ ليگل ٽيم به ڏني وئي، ڪل ڀوشن يادو جنگ، تخريبي ڪارروائين، جاسوسي جو اعتراف ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب ڪل ڀوشن اعتراف ڪيو ته ان کي ڪراچي، بلوچستان جو امن تباهه ڪرڻو هيو، ڪل ڀوشن خلاف سمورا الزام ثابت ٿي ويا، ”را“ ايجنٽ ڪل ڀوشن ڀارتي نيوي جو آفيسر آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ڪل ڀوشن کي 3 مارچ 2016 تي ماشڪيل، بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *