ٿر ڪول پروجيڪٽ جي خلاف سازشن جو هڪ نئون دور شروع ڪيو ويو آهي؛مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(هه ا)  وزير اعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ٿر ڪول پروجيڪٽ جي خلاف سازشن جو هڪ نئون دور شروع ڪيو ويو آهي ۽ نيب پاران ٿر ڪول سان لاڳاپيل ڪمپني جي چيئرمين خورشيد جمالي ۽ ٻين سيڙپڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان قدم سان سنڌ ۾ سيڙپاڪاري کي حوصلا شڪني ٿيندي چيئرمين نيب جي يقين ڏيارڻ جي باوجود سيڙپڪارن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي هن چيو ته پهرين ڏينهن کان ٿر ڪول جي خلاف سازشون جاري آهن پهرين چيو ويو ته هي ڪوئلو ئي ناهي پوءِ چيو ويو ته هي ڪوئلو غير معياري آهي پر سنڌ حڪومت ان منصوبي کي جاري رکيو ۽ ان ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪري نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي ان ڪري بلاول ڀٽو ٿر جي ڪوئلي مان بجلي کي عوام لاءِ تحفو قرار ڏنو هو ڇو ته اسان ملڪ کي آنڌارن مان ڪڌي روشنيون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر حڪومت يا نيب پاران سيڙپڪارن سان اهو سلوڪ ٿيندو ۽ کين هٿ ڪڙيون لڳنديون ته پوءِ سيڙپڪار ڪيئن ايندا جيڪڏهن ڪو سيڙپڪار ۽ تاجر غلط ڪم ڪري ته ڏوھ کان پهرين نه پر ڏوھ ثابت ٿيڻ کان پوءِ کيس گرفتار ڪيو وڃي جڏهن ته ٻئي پاسي حڪومتي ساٿ ڏيندڙن جي خلاف انڪوائري جي باوجود گرفتاري ناهي ٿيندي عليم خان کي گرفتاري  کان پوءِ ڇا ثابت ڪيو ويو شرجيل ميمڻ ڪيترن ئي مهينن کان گرفتار آهي پر  ڇا ثابت ٿيو آهي هن چيو ته اهڙا قانون بڻايا وڃن جنهن سان معيشت جو ڦيٿو هلي سگھي اسان جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري درست چيو آهي ته نيب يا معيشت ڪنهن هڪ کي هلڻ گھرجي. هتي مديني جي  رياست جو نالو ته ورتو ويندو آهي پر انهن جي قول ۽ فعل ۾ وڏو فرق آهي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب  چيو ته اسلام آباد ۾ ٻارڙي سان زيادتي افسوس ناڪ واقعو آهي اسان پاليسي بڻائڻ ۽ قانون بنائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر وفاق ۽ صوبن ان ۾ اڳڀرائي نه ڪئي اسان جيڪڏهن ان ۾ اڳڀرائي ڪيون ها ته معصوم ٻارڙا اهڙي واقعن کان بچي وڃن ها. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گرفتار خورشيد جمالي ۽ سيڙپڪارن جو تعلق بجلي بڻائڻ واري ڪمپنين سان آهي ٿر ڪول منصوبي ۽ انور مجيد سان ناهي. هن چيو ته حڪومت جو استحقاق آهي ته جيڪو سٺو ڪم ڪري ان کي انعام ملڻ گھرجي خورشيد جمالي جو ڪردار تاريخي آهي ان ڪيترائي ڪم ڪيا ٿر مان ساڌا ڇھ سوئ ميگاواٽ بجلي تيار ڪئي ۽ هاڻي وڌيڪ بجلي بڻجڻ وڃي رهي آهي هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي بحران تي سنڌ ان ۾ حصيداري جو فيصلو ڪيو اسان ٻه پاور پلانٽ نوري آباد ۾ لڳايا جنهن جي منظوري نيپرا کان ورتي حيسڪو سان به ڪمپني جو معاهدو ٿيو پر عين وقت تي اسان کي حيسڪو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ معذرت ڪري ڇڏي ان وقت اسان وٽ ٻه رستا هئا هڪ اهو ته منصوبا بندي ڪري ڇڏيون يا ٻيو رستو بجلي وڪرو ڪئي وڃي اسان ڪي اي ايس سي سان معاهدو ڪيو ۽ نوري آباد مان بجلي جي فراهمي جو چيو پر بجلي جي ترسيڪ بريف ڪيس يا بئنڪ اڪائونٽ سان نه پر ٽرانسميشن لائن سان ممڪن هئي ان ڪري اسان آرٽيڪل 151 جي تحت ٽرانسميشن لائن وڇائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 18 مهينن ۾ ٽرانسميشن لائن وڇائي ۽ ٻه سئو ميگاواٽ بجلي وڪرو ڪئي هن چيو ته ذڪر جوڳي ڳالھ اها آهي ته جڏهن ملڪي ادارا نقصان ۾ وڃي رهيا آهن ان وقت ان ڪمپني چار سئو پنجاھ ملين روپيا ڪمايا آهن ۽ ان ئي ڪمپني کي نيپرا صوبائي گرڊ جو درجو ڏنو آهي هن چيو ته جي ڊي ايجو عوام سان تعلق ناهي پيپلز پارٽي جو تعلق عوام سان آهي اسان جي اسلام آباد جي افطار جو مقصد حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ هو. ان کان سواءِ مرتضيٰ وهاب هڪ وڊيو بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي نوٽيس جاري ٿيڻ ترديد ڪندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي نيب پاران ڪو به نوٽيس وصول ناهي ٿيو نيب جو نوٽيس بلاول هائوس جي نوڪرن وصول ناهي ڪيو مان ان جي سختي سان ترديد ڪريان ٿو. پيپلز پارٽي هميشه قانون رستو اختيار ڪيو آهي جڏهن به نوٽيس موصول ٿيندو ماضي جيان ان جي تعميل ڪنداسين اڃان تائين باضابطه طور تي بلاول ڀٽو زرداري کي ڪو به نوٽيس ناهي مليو جيڪڏهن ڪو به نوٽيس آهي بيشڪ سوشل ميڊيا جي ذريعي تشهير ڪيو وڃي پيپلز پارٽي هميشه آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪئي آهي.       

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *