ڪراچي (اين اين آءِ) ٿر جي ڪوئلي مان بجلي تيار ڪرڻ جو منصوبو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي اختلافن جي ور چڙهي ويو آهي معاملن تي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائنز جا اختلاف وڌي ويا آهن جنهن سبب ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو شمس شيخ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيئي ڇڏي ٿر جي ڪوئلي مان ملڪ ۾ بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ جو خواب ساڀيان ٿيڻ کان اڳ ئي ٽٽڻ لڳو آهي ۽ منصوبي ۾ 51 سيڪڙو جي حصيداري رکندڙ سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ڪمپني (سنڌاينگرو ڪول مائنز) وچ ۾ اختلاف وڌي ويا آهن اطلاعن موجب اختلافن جون خبرون ان وقت آيو جڏهن ان معاملن تي اڻبڻت سبب نبي سر ٿر مان ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ لڳندڙ پاور پلانٽس کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي لاءِ تعمير ٿيندڙ پائيپ لائين تي فنڊنگ روڪي ويئي جنهن سبب ٿرڪول ايريا بلاڪ 2 ۾ 3 پاور پلانٽس جي ٺهڻ جو معاملو به پوئتي ٿي ويو ڪمپني ڊسمبر ۾ ڪوئلي مان بجلي جي پيداوار شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو هن قدم سان اهو به متاثر ٿيو پر ڪمپني متبادل طور تي گورانو ڊيم مان خارج ٿيندڙ پاڻي مان ان هڪ پاور پلانٽ مان بجلي مقرر وقت تي پيدا ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي آهي جڏهن ته 3 پاور پلانٽس نه ٺهڻ سان هن منصوبي جي اهميت تي سواليه نشان لڳي ويا آهن سنڌ حڪومت ۽ ڪمپني آفيسرن جا اختلاف ايترا ته وڌي ويا آهن جو ڪالهه تائين سنڌ حڪومت لاءِ اکين جو تارو سمهيو ويندڙ سي اي او شمس شيخ پنهنجي عهدي تان ئي استعيفا ڏيئي ڇڏي آهي هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت سان هاڻي ان جو ڪم ڪرڻ ڏکيو هو ان لاءِ هن پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني جڏهن ته ڪمپني ترجمان حسن ٻٻر ٻڌايو ته شمس شيخ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيئي ڇڏي آهي ڪمپني ناهي ڇڌي ان جي جاءِ تي سيد ابل فضل کي نئون سي اي او رکيو ويو آهي.