ٿرڊ ڪلاس پوليس آفيسر کي گند اُڇلڻ نه ڏينداسين: سعيد غني طرفان پنهنجي خلاف رپورٽ جي جاچ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني سندس خلاف رپورٽ جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر رضوان جو پوليس رڪارڊ گهرائي جاچ ڪئي وڃي، ڊي آءِ جي سلطان خواجه کي شڪايت ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر رضوان سندس خلاف ڪوڙي رپورٽ تيار ڪئي آهي. ڊاڪٽر رضوان ايڏو ٿرڊ ڪلاس ماڻهو آهي جو امتياز شيخ کي پهرين ميسيج ڪيا ته سندس وڏو ڀاءُ آهي، ٻئي ڏينهن تي سيڪريٽ رپورٽ جاري ڪري امتياز شيخ کي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو. ايس ايس پي شڪارپور طرفان تيار ڪيل سيڪريٽ رپورٽ منظرعام تي اچڻ کانپوءِ صوبائي وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ پنهجني خلاف جاري ٿيل رپورٽ کي ڪوڙي قرار ڏنو. سعيد غني چيو ته ڊاڪٽر رضوان ڪجهه سال اڳ جڏهن جمشيد ٽائون ۾ ايس ايس پي مقرر ٿيو، اُن کانپوءِ چنيسر ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ منشيات جي ڪاروبار سوڌو ٻيا ڏوهه وڌي ويا هئا. ڊاڪٽر رضوان خلاف شڪايت تڏهوڪي ڊي آءِ جي سلطان خواجه ۽ اي آءِ جي کي شڪايت ڪئي هئي، اُن کانپوءِ هُن سياسي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ڪارروائين جو طريقو تبديل ڪري ڇڏيو، 2 ڏوهارين سان گڏ 8 بيگناهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو هو. صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڊاڪٽر رضوان هڪ نوجوان کي به قتل ڪيو، جنهن جي جاچ ڪرائڻ ۽ ڊي آءِ جي سلطان خواجه کي شڪايت ڪرڻ کانپوءِ هُن سندس خلاف رپورٽ اهڙي رپورٽ تيار ڪئي. سعيد غني مطالبو ڪيو آهي ته سندس خلاف ڊاڪٽر رضوان جي رپورٽ جي جاچ ڪرائي وڃي، جيڪڏهن مٿس لڳايل الزام سچا ثابت ٿيا ته سياست ڇڏڻ سان گڏ هر قسم جي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهي، پر ان سان گڏ ڊاڪٽر رضوان هٿان نوجوان جي قتل جي جاچ ڪرائي وڃي، اُن سان گڏ جتي به سندس مقرري ٿي، اُتان پوليس جو رڪارڊ گهرائي جاچ ڪئي وڃي. باقي اهڙي قسم جي لُچي پوليس آفيسر کي گند اُڇلڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر رضوان سان گڏ هر اسٽيشن تي مقرريءَ دوران موجود ماڻهن جي به جاچ ڪرائي وڃي ته اُهي هر اسٽيشن تي ساڻس گڏ ڇو نه هوندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *