ٿاڻن تي پنهنجي لاءِ خرچ پکو ڪڍڻ وارو طريقو بند ڪيو وڃي:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ ماڊل پوليس ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته ٿاڻو ڪلچر تبديل ڪري ڏيو ۽ ٿاڻن تي پنهنجي لاءِ خرچ پکو ڪڍڻ وارو طريقو بند ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ماڊل پوليس ۽ ٿاڻن جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، آءِ جي سنڌ ڪليم امام، گهرو سيڪريٽري، ناڻي کاتي جو سيڪريٽري، ايڊيشنل آءِ جي ٽريننگ ۽ اي آءِ جي ڪراچي شريڪ ٿيا. اُن موقعي تي کدڙن فقيرن کي سرڪاري نوڪرين ۾ مخصوص ڪوٽا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ وڏي وزير اُن حوالي سان چيف سيڪريٽري کي پروپوزل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ترجمان موجب اجلاس ۾ سنڌ اندر ماڊل پوليس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ وڏي وزير چيو ته ايس ايڇ اوز کي ڊي ڊي او اختيار ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ماڊل پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ اوز کي مالي انيشيئيٽِوَز ڏنا وڃن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻن پوليس ٿاڻن کي ضم ڪري هڪ ماڊل پوليس اسٽيشن (ٿاڻو) قائم ڪيو ويندو. وڏي وزير هدايت ڪئي ته بوٽ بيسن ۽ ڪلفٽن ٿاڻن کي ضم ڪري ماڊل ٿاڻو ٺاهيو وڃي، اهو پروپوزل ٺاهيو موڪليو ته جيئن اُن جي منظوري ڏني وڃي، جڏهن ايس ايڇ اوز کي ڊي ڊي او پاور ڏنا وڃن ته هڪ اڪائونٽنٽ به مهيا ڪيو وڃي، اُن کانسواءِ ماڊل پوليس اسٽيشنز لاءِ عمارتن جو انتظام ڪيو وڃي. اهڙن ٿاڻن کي ماڊل ٿاڻي ۾ ضم ڪريو، جِن وٽ پنهنجون عمارتون آهن ۽ اُن کي ڪراچي ۾ هڪ نموني طور شروع ڪيو وڃي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پوليس جاچ تي به آڱريون کڄي رهيون آهن، جاچ کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، پوليس اسٽيشنز کي تيل، اسٽيشنري ۽ ٻي هر ضرورت جي بجيٽ ڏني وڃي. پوليس اسٽيشن تي پنهنجي لاءِ خرچ ڪڍڻ وارو طريقو بند ڪيو وڃي. وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي سختي سان هدايت ڪئي ته مون کي ٿاڻو ڪلچر تبديل ڪري ڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *