پ پ ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي وچ ۾ هر نقطي تي اتفاق،هاڻي ڪير به اين آر او نه ڏيندو؛قادري/زرداري

لاهور(م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته پ پ جي سينيئر قيادت سان ملاقات ڪئي آهي، پيپلز پارٽي پهرين ئي ڏينهن کان عوامي اتحاد سان گڏ آهي، پ پ جي وفد جي اچڻ تي سندس ٿورائتا آهيون. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه سان ملاقات کان پوءِ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سڀاڻي واري آل پارٽيز ڪانفرنس بابت به پيپلز پارٽي جي قيادت سان ڳالهيون ٿيون آهن، پ پ ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي وچ ۾ هر نقطي تي اتفاق ٿيو. هن چيو ته هاڻ سعودي عرب ۾ انهن کي ڪير به اين آر او نه ڏيندو، اڳوڻي صدر سان اي پي سي جي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. ان موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون سڀني جي لاءِ هڪ آهي، پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي آهي انصاف ٿيڻ گهرجي ان تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو. شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ جي معاملي ۾ به انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته طاهر القادري جو ٿورائتو آهيان جو هن دعوت ڏني، ماڊل ٽائون سانحي ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا جڏهن ته ميڊيا تي به ڏيکاريو ويو ته ڪيئن ماڻهن تي گوليون وسايون ويون. ماڊل ٽائون سانحو لاهور جهڙي گنجان آباد علائقي ۾ ٿيو آهي. پيپلز پارٽي هميشه ظلم خلاف آواز اٿاريو آهي، ماڊل ٽائون سانحي تي ڊاڪٽر طاهر القادري سان گڏ آهيون. هن چيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي ۽ پاڻ کي قانون جي آڏو پيش ڪرڻو پوندو. غريبن جو رت اڄ نه ته سڀاڻي رنگ لاهيندو. سندس چوڻ هو ته لاهور جهڙي شهر ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فائرنگ ڪئي وئي، ڊاڪٽر طاهر القادري جي اي پي سي ۾ شرڪت ڪنداسين ۽ اسان ٻيهر اهو مطالبو ڪيون ٿا ته شهباز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. پاڪستان ۾ هاڻ ٻيهر اهڙي مذاق نه ڪرڻ ڏبي، مشرف کي چيلهه ۾ سور آهي ۽ ته پوءِ ڊانس ڇو پيو ڪري؟ هن وڌيڪ چيو ته هر فيصلو مشرف پاڻ ڪندو هو، مون پاور ملندي ئي پارليامينٽ کي موٽائي ڏني، ميان صاحب هميشه اهڙو ڪم ڪندو آهي جنهن جي ڪري حالتن مان ٻيا فائدا وٺندا آهن، ن ليگي وزير چون ٿا ته سياسي جا فيصلا عدالتن ۾ ٿيڻ گهرجن، اسان جا ادارا خودمختيار آهن، ڪنهن جا به غلام ناهن، هي ملڪ کي ايترو قرضي ڪن پوءِ به آئون انهن سان گڏ بيهان ته اهو قوم کي منظور نه هوند، ميان صاحب کي ججن چيو ته مني ٽريل ٻڌايو، قادري صاحب جنهن پوزيشن تي آهي ساڻس گڏ آهيون، باقي هر ڪو پنهنجي سياست ڪري، مشرف وٽ پنهنجي بيان جو ڪو به منطق ناهي. هن چيو ته ميان صاحب هن وقت تائين اهو چوندو پيو وتي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو، هتي ته ايس ايڇ او ۽ وڏو وزير اختيارن کي ئي نٿو ڇڏي، مون ته اختيار ئي پارليامينٽ کي ڏنا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *