پ پ ۽ تحريڪ انصاف ۾ حديبيا نظرثاني اپيل تي اتفاق

اسلام آباد( م ڊ ) پ پ ۽ تحريڪ انصاف ۾ شريف خاندان خلاف حديبيا پيپرز ڪيس ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.  پ پ ۽ تحريڪ انصاف ۾ حديبيا نظرثاني جي درخواست جي معاملي تي اتفاق ٿي ويو آهي. ذريعن موجب  ٻنهي پارٽين جي سينئر اڳواڻن ۾ غير رسمي صلاح مشورو ٿيو جنهن ۾ گڏ يا الڳ الڳ نظرثاني لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطي تي غور ڪيو ويو. پ پ جي ذريعن موجب معاملي تي ٻنهي پارٽين جو هڪ جهڙو موقف آهي ۽ ڪو به عدالت وڃي سگهي ٿو، ان حوالي سان جلد ڪو فيصلو ٿي ويندو. ڳڙهي خدا بخش جي جلسي ۾ چوڌري اعتزاز احسن به ان حوالي سان اشارو ڏئي چڪو آهي، هن قانون نقطو به اٿاريو ته فوجداري ڪيس ڪڏهن به کلي سگهي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *