پ پ ۽ اي اين پي ۾ مارچ کان اڳ اي پي سي گهرائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي جي يو آءِ جي آزادي مارچ کان اڳ اي پي سي گهرائڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اين پي سربراهه اسفند يار ولي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻنهي پارٽيز جا اڳواڻ به موجود هئا. ملاقات دوران حڪومت مخالف تحريڪ ۽ مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا ويا. ملاقات بعد پ پ سينيٽر فرحت الله بابر ۽ اي اين پي اڳواڻ ميان افتخار حسين ميڊيا سان گڏيل ڳالهيون ڪيون. فرحت الله بابر جو چوڻ هو اپوزيشن متحد آهي ۽ رهندي، ٻنهي جماعتن جي سربراهن وچ ۾ ملاقات جو مقصد آزادي مارچ کي اڳتي وٺي هلڻ هو. هُن چيو ته پيپلز پارٽي آزادي مارچ کان اڳ اپوزيشن جي اي پي سي گهرائڻ جي تجويز رکي آهي. پي ٽي آءِ سرڪار کي گهر وڃڻو پوندو. هو مطالبو ڪن ٿا ته ملڪ ۾ شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرايون وڃن. اُن موقعي تي ڳالهائيندي ميان افتخار حسين چيو ته سندن پارٽي آزادي مارچ کان اڳ اي پي سي گهرائڻ واري تجويز سان اتفاق ڪري ٿي، ڇاڪاڻ جو آزادي مارچ جو اعلان مولانا فضل الرحمان ڪيو آهي، تنهن ڪري هو ئي اپوزيشن جي اي پي سي گهرائڻ لاءِ لائحه عمل جوڙي ته جيئن مارچ جي ڪاميابي جا امڪان وڌيڪ روشن ٿين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *