پ پ ڪرونا فنڊ اڪائونٽ مان 10 ارب رپيا قرض ادا ڪرڻ لاءِ خرچ ڪرڻ واري فيصلي کي عوام سان دوکو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي وزيراعظم جي ڪرونا فنڊ اڪائونٽ مان 10 ارب رپيا قرض لاهڻ لاءِ خرچ ڪرڻ واري فيصلي کي عوام سان دوکو قرار ڏنو آهي، پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نفيسه شاهه هڪ بيان ۾ چيو ته فنڊ جي رقم قرض لاهڻ لاءِ استعمال ڪرڻ عوام سان دوکي کانسواءِ ڪجهه نه آهي، نفيسه شاهه جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته حڪومت غريبن جي امداد بدران پنهنجي نااهلي جو بار عوام جي پيسن سان لاهڻ جو فيصلو ڳڻتي جوڳو آهي، پ پ پهرين ڏينهن کان معاملي تي سوال اٿاريندي سمورين حقيقتن کان پارليامان ۽ عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو ڪندي رهي آهي، تازو فيصلو پ پ جي خدشن کي درست ثابت ڪري ٿو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *