پ پ چيئرمين يونيورسٽي ڪيمپس کي غير عسڪري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو): پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو شاگرد يونين جي بحالي جي حمايت ڪري ڇڏي. بلاول ڀٽو چيو آهي ته پيپلزپارٽي شاگرد يونين جي بحالي جي حامي آهي، بينظير ڀٽو به شاگرد يونين بحال ڪري ڇڏي هئي پر معاشري کي کي غير سياسي بڻائڻ جي لاءِ شاگرد يونينز جي بحالي ختم ڪئي وئي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سرڪاري ادارن جي نجڪاري بند ۽ تعليمي ادارن ۾ جنسي هراس روڪڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي.بلاول ڀٽو يونيورسٽي ڪيمپس کي غير عسڪري ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ۽ لکيو آهي ته شاگردن جي نئين نسل جو هڪ پرامن جمهوري عمل جي بحالي جي لاءِ جوش ۽ خروش متاثر ڪندڙ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *