ڪراچي (اسٽاف رپورتر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اي پي سي جا تاريخي فيصلا مستقبل تي اهم اثر ڇڏيندا.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ صدر شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي هڪٻئي کي عيد جون مبارڪون ڏنيون.بلاول هائوس جي ترجمان موجب ٽيليفونڪ گفتگو ۾ پ پ چيئرمين ۽ ن ليگ صدر وچ ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ گڏوگڏ ٻنهي اڳواڻن ڪشمير مسئلي جي معاملي تي حڪومتي ناڪامين تي ڳڻتيءَ جو به اظهار ڪيو.ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ملڪي تاريخ ۾ ايتري ڪرپشن ناهي ٿي، جيتري عمران خان جي دور ۾ ٿي رهي آهي، مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.پ پ چيئرمين چيو ته هاڻ اپوزيشن عوام جي اميدن جو مرڪز بڻجي چڪي آهي، تنهن ڪري ملڪ کي نااهل عمران خان کان بچائڻ لاءِ اپوزيشن جو غير معمولي ڪردار اڻٽر آهي.سندس موجب هن صورتحال ۾ اي پي سي جا تاريخي فيصلا مستقبل تي اهم اثر ڇڏيندا.ترجمان ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري جي موقف سان اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف به مڪمل اتفاق ڪيو.واضح رهي ته عيد کان اڳ ن ليگ ۽ پ پ تحريڪ انصاف حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي رابطا تيز ڪرڻ ۽ عيد کانپوءِ اي پي سي تي اتفاق ڪيو هو.