پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي گهوٽڪي آمد، راجا هائوس، ڌاريجن، لُنڊ ۽ پتافي وٽ آجياڻا

گهوٽڪي (هه آ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گهوٽڪيءَ جي عوام پي ايس-7 جي ننڍي چونڊ ۾ سياسي يتيمن جو مقابلو ڪري کين شڪست ڏئي ثابت ڪيو ته اُهي اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي بينظيرڀٽو ۽ بلاول سان گڏ آهن، اهو هڪ ٽريلر هو 2018ع جي اليڪشن دوران سڄي سنڌ جي هر پولنگ بوٿ مان جيئي ڀٽو جا نعرا گونجندا. هن اهڙو اظهار گهوٽڪي ضلعي جي دوري دوران راجا مهر هائوس، عادلپور ۾ ڄام هائوس، ميرپورماٿيلي ۾ باري پتافي هائوس ۽ خالد آباد ۾ ڏنل آجياڻن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پ پ مخالف اميرن لاءِ ٽيڪس اسڪيمون ڏئي قرض معاف ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پ پ رڳو غريبن لاءِ ڪم ڪري ٿي، شهيدذوالفقارعلي ڀٽو ملڪي ادارا ٺاهيا پر مخالف اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي پنهنجن حوارين کي ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته غريبن جو حق کائڻ لاءِ بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام ڪينسل پيا ڪن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت يونين ڪائوسنل سطح تائين غربت گهٽائڻ واري پروگرام تحت بنا وياج جي 6 لک عورتن کي قرض ڏئي 6 لک ڪٽنبن کي غربت مان ڪڍيو آهي. هن چيو ته اسانجا مخالف اميرن جي سياست ڪن ٿا پر پيپلزپارٽي هميشه هارين، مزدورن، تعليم، صحت ۽ روزگار سميت اٽي لٽي ۽ اجهي لاءِ سياست ڪندي عوام جي خدمت ڪئي آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته جهڙي ريت پي ايس-7 ۾ سياسي يتيمن ۽ مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏني اهڙي ريت ئي 2018ع جي اليڪشن ۾ به پ پ کي ووٽ ڏئي مخالفن کي شڪست ڏيندا. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هو عوام جي ووٽ جي طاقت چاهي ٿو ته جيئن شهيد راڻي بينظيرڀٽو جو پاڪستان ٺاهيو وڃي. هن چيو ته عمران خان جي سياست منافقت ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي هو رات جو هڪ ته ڏينهن جو ٻي ڳالهه ڪندو آهي، ڪرپشن خلاف ڳالهيون ڪندڙ عمران خان پنهنجي اردرگرد ڏسي ته سپريم ڪورٽ پاران نااهل قرار ڏنل پارٽي جو جنرل سيڪريٽري به ساڻس گڏ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ڪرپشن الزامن ۾ هٽايل وزيراعليٰ به سنڌ ۾ عمران خان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سياست ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ايندڙ اليڪشن وقت تي ٿيندي ۽ پيپلزپارٽي سڄي ملڪ مان ڪاميابي ماڻي حڪومت ٺاهيندي. بلاول ڀٽو زرداري چيوته اڄڪلهه جي ليڊرن کي عوام چڱي ريت ڄاڻي چڪو آهي ته ڪير ڪوڙ ۽ ڪير قرباني ۽ رت ڏيڻ جي سياست ڪري ٿو، ايندڙ عام اليڪشن ۾ شهيدراڻي ته وزيراعظم جي اميدوار نه هوندي پر مون 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ وعدو ڪيو آهي ته 2018ع جي اليڪشن بينظيرڀٽو شهيد کٽي ڏينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن عوام جو ساٿ آهي ته پيپلزپارٽي جو رستو ڪير به روڪي نه ٿو سگهي ۽ پيپلزپارٽي کي عوامي خدمت کان ڪير به نٿو روڪي سگهي. اِن کان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ۾ چيو ته اڄ گهوٽڪي جا ٻار ۽ عورتون پنهنجي گهرن ۾ ڇتن تي چڙهي بلاول ڀٽو جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيٺا رهيا ۽ اهو پ پ سان محبت جي کليل اظهار جو ثبوت آهي، ننڍي چونڊ ۾ ملڪ جون سڀ جماعتون پ پ جي مخالفت ۾ گڏ ٿيون پر کين بري شڪست ملي ۽ 2018ع ۾ به ائين ئي شڪست ملندي. هوڏانهن ميرپور ماٿيلو ۾ عبدالباري خان پتافي هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو اليڪشن جي تياري ڪري رهيو آهي سندس مقابلو سمورن مخالفن سان آهي 2018 جي اليڪشن ۾ مير جو نه پير ووٽ تير جو هوندو، سڀني کي اهو پيغام پهچي چڪو آهي ته عوام تير سان گڏ آهي، پ پ چيئرمين چيو ته اڃان نواز شريف چاهي پيو ته ڪجهه به ٿئي پر هو بچي پوي ۽ هو جمهوريت ۽ موجوده نظام کي ڇيهو رسائڻ گهري ٿو ته جيئن هن جون ڪوتاهيون لڪي سگهن پر پاڪستان جي عوام باشعور آهي انڪري نواز پنهنجي مشن ۾ ڪامياب نه ٿيندو ۽ عوام ملڪ ۾ مارشل لاءُ لڳڻ نه ڏيندو. ڪراچي سنڌ جو تاج ۽ ڪوهنور آهي جيڪڏهن 2018 دوران ڪراچي جي عوام پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو ته سندس قسمت بدلائي ڇڏينداسون. ڪراچي جي عوام کي پهريون ڀيرو آزادي ملندي ته هو اليڪشن دوران پنهنجي پسند جا اميدوار ڪامياب ڪري ۽ جڏهن به ملڪ جي عوام کي اليڪشن دوران آزاي سان ووٽ ڏيڻ جو حق مليو آهي ته اهو پپيلز پارٽي سان گڏ هوندو آهي. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته هُن وفاقي حڪومت سان ٿيل گڏجاڻين ۾ گهوٽڪي جي رائلٽي جا پئسا روڪڻ واري معاملي تي آواز اٿاريو آهي ۽ وفاق کان گهوٽڪي جي تيل ۽ گئس جي رائلٽي جا سالن کان رهيل پئسا کسي وٺي ڏيکاريندا سين ۽ وفاق ۾ به ايندڙ چونڊن بعد حڪومت ٺاهينداسون. هن چيو ته سنڌ حڪومت آئل اينڊ گئس ڪمپنين کان حقن حاصلات جي سلسلي ۾ گهوٽڪي ضلعي جي عوام سان گڏ آهي، ايندڙ صوبائي بجيٽ ۾ گهوٽڪي جي اسڪيمن لاءِ وڌيڪ فنڊ رکيا ويندا. ڌار ڌاڙ ميڙاڪن ۽ آجياڻن کي سردار علي نواز عرف راجا خان مهر، صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ڄام سيف الله ڌاريجو، ايم پي اي عبدالباري خان پتافي ۽ مير خالد احمد خان لُنڊ پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته ايم اين اي فريال ٽالپر، اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد احمد شاهه، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير ڄام مهتاب خان ڏهر، صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *