پ پ پ پاران ڪرپشن خلاف آواز اٿارڻ کِل جهڙي ڳالهه آهي: سيد جلال محمود شاهه

 ڄامشورو(ڑڑڊ ر) سنڌ ۾ هلندڙ آدمشماري پراڻن نقشن تحت هلي رهي آهي، ان سان سنڌ جا ڪافي گهر ۽ ماڻهو ڳڻپ کان رهجي سگهن ٿا، سنڌ ۾ شديد گرمي سبب آدمشماري عملي کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، وفاقي حڪومت کي گهرجي ها ته آدمشماري عملي ۾ واڌ ڪئي وڃي ها، جنهن سان آدمشماري جو مرحلو جلدي مڪمل ٿي وڃي ها، اسان جي شڪايتن تي آدمشماري سينسز ڪميشن فوري طور تي نوٽيس ورتو ۽ اتي عملو پهچايو ويو، گرمي سبب عوام آدمشماري عملي سان تعاون گهٽ ڪري رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ڄامشورو جي مختلف شهرن ۽ علائقن ۾ ٿيندڙ آدمشماري مهم جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، جلال شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ آدمشماري ۲۰ ورهين کانپوءِ ٿي رهي آهي، جيڪا پراڻن نقشن تحت ڪئي پئي وڃي، پراڻي آبادي ۽ هاڻوڪي دور جي آبادي ۾ ٻيڻ تي فرق اچي ويو آهي، انهيءَ سان سنڌ ۾ ڪافي گهر توڙي ماڻهو ڳڻپ کان رهجي سگهن ٿا، اهڙيون شڪايتون اسان سڄي سنڌ مان سينسز ڪميشن وارن کي ڪيون آهن ۽ وفاقي حڪومت کان به مطالبو ڪيو آهي پر انتهائي افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته ان تي عمل نه ٿي رهيو آهي، باقي سنڌ ۾ آدمشماري بابت فوري طور تي شڪايت ڪرڻ سان سينسز ڪميشن وارا نوٽيس به وٺن ٿا ۽ سهڪار به ڪري رهيا آهن، هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ سخت گرمي سبب آدمشماري عملي کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، وفاقي گورنمينٽ کي گهرجي ها ته عملي کي ٻيڻ تي وڌائي ۽ آدمشماري جو مرحلو جلد مڪمل ڪرائي ها، پر هاڻي ٻن مهينن اندر آدمشماري وارو مرحلو مڪمل ٿيندو، هن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن جا ماڻهو آدمشماري عملي سان سهڪار نه پيا ڪن، اتان جي سڄاڻ ڌرين کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي گڏجي انهن ماڻهن کي شامل ڪرائين ته جيئن ڪوبه ماڻهو هن ڳڻپ کان رهجي نه سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد جلال محمود شاهه چيو ته پيپلز پارٽي کي بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ، پاڻي جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا هاڻي ياد پيا آهن، پر اهي ڪرپشن جي لاءِ به آواز اٿارين اها هڪ کل جوڳي ڳالهه آهي، هن وقت سنڌ غلط حڪمراني جي ڪري نتيجو ڀوڳي رهي آهي، اڃا به سنڌ جو عوام پ پ پ خلاف نه اٿيو ته پوءِ هنن جو مستقبل ڪڏهن به سڌري نه سگهندو، سنڌ جي عوام کي سٺي حڪمراني حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذهن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته قلندر لال شهباز جي درگاهه تي ٿيل ڌماڪو غلط سيڪيورٽي پاليسين سبب ٿيو ۽ اسپتال ۾ عملو موجود نه هجڻ ڪري ماڻهو تڙپي تڙپي مري ويا، اسان حڪمرانن کان گهر ٿا ڪريون ته اها جاچ ڪٿي پهتي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟ هن چيو ته جيڪڏهن هينئر ايندڙ لال شهباز قلندر جي ميلي ۾ ڪا ٻيهر ڪوتاهي ڪئي وئي ته ڪو وڏو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو، قلندر جي ميلي ۾ ڪجهه مقامي وڏيرا پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي ڪمائي جو ذريعو بڻايو آهي، ميلي ۾ ڪي به انتظام نه هجڻ جي ڪري ماڻهو وهنجڻ دوران واهن ۾ ٻڏي وڃن، روڊ حادثن ۽ سخت گرمي سبب به ڪيترائي حياتيون وڃائي ويهن ٿا، پر هاڻوڪي ضلعي حڪومت کي ان مامرن تي اڳ ۾ ئي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ميلي ۾ ايندڙ ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ان موقعي تي امير علي ٿيٻو، حافظ بخشل سيهڙو، سرور برفت، شاهنواز برفت، قادر بخش ڀلائي، ديدار چانڊيو، اسماعيل چانڊيو، ساگر عالماڻي، پير بخش سهارڻ، اعجاز برفت، محمد قمبراڻي، آصف ڀلائي، سليم راڄڙ، امين قريشي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *