ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سخت سيڪيورٽي خدشا لاحق ٿي ويا وڪيل پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلاول هائوس کي بم سان اڏائڻ جي به ڌمڪي جي انڪشاف تي عدالت وفاقي حڪومت کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو اربع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي سيڪيورٽِ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي وڪيل ٻڌايو ته بلاول ڀٽو کي سخت سيڪيورٽي خدشا آهن بلاول هائوس کي بم سان تباهه ڪرڻ جا به ٿريٽس آهن صوبائي حڪومت مڪمل سيڪيورٽي ڏي ٿي پر وفاقي حڪومت سهڪار نٿي ڪري بلاول ڀٽو سڄي ملڪ ۾ سفر ڪري ٿو کيس سيڪيورٽي خدشا آهن عدالت پڇاڻو ڪيو ته بلاول ڀٽو کي ڪيتري سيڪيورٽي آهي ڪيتريون موبائيلز گڏ هونديون آهن ڇا هو ملتان وڃي ٿو ته کيس سيڪيورٽي نٿي ملي