لاهور (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پ پ پنجاب ۾ اپوزيشن ۾ ويهندي ۽ ڄمي مقابلو ڪندي، ڏکڻ پنجاب جو صوبو ڪوئي ڪٽ پتلي نه پر اها پ پ ئي ٺاهي سگهي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي نون چونڊيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات دوران ڪيو، هن چيو ته اسان غير مشروط حمايت نه ڪنداسين، اسان جي حمايت ۽ مخالف عوامي مسئلن جي بنياد تي هوندي، پ پ پنجاب ۾ اپوزيشن ۾ ويهندي، تعداد گهٽ آهي ته ڇا پنجاب ۾ ڄمي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪنداسين، ان کانسواءِ پ پ چيئرمين سان بلاول هائوس ڪراچي ۾ حسن مرتضِيٰ، علي حيدر گيلاني ۽ ٻين پڻ ملاقات ڪئي.