اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پنجاب پ پ جو ڳڙهه هو، آهي ۽ سدائين رهندو، ڪير به اسان کان پنجاب نٿو کسي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ پ پ جي سينيئر اڳواڻن سان ملاقات دوران ڪيو. پ پ جي شريڪ چيئرمين قمر زمان ڪائرا، شاهجهان کرل، رائي عمر کرل ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سندس چوڻ هو ته پنجاب پ پ جو ڳڙهه هيو، آهي ۽ رهندو، جيالا ۽ جان نثار ايندڙ چونڊون ڀرپور طاقت سان وڙهندا. آصف زرداري چيو ته ماضي ۾ چونڊ نتيجا چوري ٿيندا رهيا آهن پر هاڻ وقت تبديل ٿي ويو آهي، مخالفن کي ماضي ورجائڻ نه ڏينداسين. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته اسان ماضي جيان ڌانڌلي ۽ چونڊ نتيجا چوري ٿيڻ نه ڏينداسين، پ پ عوام جو مينڊيٽ کڻي اقتدار ۾ ايندي آهي. هن چيو ته پ پ اقتدار ۾ اچي بي روزگاري جو خاتمو ڪندي، نوجوانن کي ملازمتن جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. آصف زرداري پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته توهان گهر گهر وڃي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پيغام پهچايو.27