اسلام آباد: (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي پاران نيب وٽ گرفتار آصف زرداري جي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جي لاءِ درخواست قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.پ پ اڳواڻ راجه پرويز اشرف طرفان آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڏني وئي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي رولز آف پروسيجز تحت 29 جولاءِ تي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصف زرداري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا وڃن.