لاڙڪاڻو(بيورو):پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته جي ڊي اي محلاتي سازشين جو اتحاد آهي ۽ آمرن جي سيٽيءَ تي پڇ لوڏيندڙ عنصر ڪڏهن به عوام جا حامي نه ٿا ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي شهر ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ پاران عيد ملن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.نثار کهڙو چيو ته جي ڊي اي ۾ شامل ماڻهو چونڊون کٽي نه ٿا سگهن، جنهن ڪري هو، چونڊون ملتوي ٿيڻ جو پٽڻو پٽي رهيا آهن پر کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته چونڊون به وقت تي ٿينديون ۽ کين هن ڀيري به ناڪامي ملندي ۽ سندن محلاتي سازشون به ناڪام ٿينديون. هن چيو ته سنڌ دشمن عنصرن جا پول عوام جي سامهون کلي چڪا آهن ۽ اهڙن پ پ مخالف اتحادن کي سنڌ مان ڪجهه نه ملندو ۽ چونڊن ۾ مخالف تير سان شڪار ٿي ويندا. هن چيو ته نوازشريف مڇرن جي ڊپ کان هڪ آمر سان معاهدو ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو هو ۽ بزدل آمر پرويز مشرف کي ملڪ ۾ اچڻ جي همٿ ئي ناهي.