لاهور (اين اين آءِ( پاڪستان پيپلزپارٽي چيو آهي ته عوامي مسئلا صرف پ پ ئي حل ڪري سگهي ٿي، پيپلز پارٽي عوامي منشور ۽ ڀٽو ۽ بينظير جو نظريو کڻي عام چونڊن ۾ ويندي، پ پ جي مخالف جماعتن وٽ جي ٽي روڊ واري ويڙهه ۽ الزام لڳائڻ کانسواءِ ڪجهه نه آهي، پ پ جي ترجمان ۽ سينيٽر مولا بخش چانڊيو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته آئين کان ايٽم بم تائين، تعليم کان صحت ۽ صنعت کان زراعت تائين هر شعبي تي پ پ جو ٺپو آهي، ڪجهه روڊ ٺاهي قوم کي گمراهه ڪندڙ سياستدانن کي ماڻهو هاڻ رد ڪري ڇڏيندا، هن چيو ته پ پ هڪ قوم ٺاهي ٿي ۽ نواز شريف اچي ان کي ڇڙوڇڙ ڪري ٿو، نواز شريف سان گڏ عمران خان به ساڳي ڪم تي لڳي ويو آهي، هن چيو ته عمران خان به نواز شريف وانگر مخصوص علائقي ۽ مخصوص سوچ واري سياست ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي ٽي روڊ جي ويڙهه ۾ مصروف هئا تڏهن سنڌ ۾ انقلابي ڪم ٿي رهيا هئا، دل، قينصر، گردن جي بيمارين جو مفت علاج ۽ مفت آپريشن صرف ۽ صرف سنڌ ۾ ٿي رهيا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ شهرن ۽ ٻهراڙين کي هڪجيتري اهميت ڏني وئي آهي ۽ ڪم ٿيو آهي، هن چيو ته لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙن سڄي ملڪ کان بجلي کسي ورتي، تبديلي جي دعويٰ ڪندڙ هڪ اسپتال نه هڪ يونيورسٽي نه اسڪول ٺاهيو، ماضي ۾ به پ پ عوام جي خدمت ڪئي ۽ مستقبل ۾ عوام جي خدمت ڪنداسين.