پ پ طرفان سينيٽ ۾ حصو وٺڻ خوشي ڏيندڙ ڳالهه آهي، ن ليگ به حصو وٺندي: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو)گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو پلان مخالف ڌر کي بند گهٽي ۾ وٺي وڃڻ وارو آهي.طورخم دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جو سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ خوشي جي ڳالهه آهي، اميد آهي ته ن ليگ به سينيٽ اليڪشن ۾ حصو وٺندي، مولانا فضل الرحمان جي ڪا به سيٽ ناهي، هن جو قومي سياست ۾ ڪو به ڪردار ناهي رهيو، مولانا جو پلان مخالف ڌر کي بند گهٽي ۾ وٺي وڃڻ وارو آهي، سمجهدار سياستدان ڪڏهن ڳالهين جا درواز بند ناهن ڪيا ۽ نه ڪڏهن بند گهٽي ۾ داخل ٿيندا آهن، اڄ ٿين يا سڀاڻي ٿين پر ٿيڻيون ڳالهيون ئي آهن، مولانا فضل الرحمان کي چوان ٿو ڪو به بحران پيدا نه ٿيندو، اڄ به چوان ٿو جيڪڏهن توهان وفا ڪندا ته اسان به وفا ڪنداسين.شيخ رشيد جو چوڻ هو ته 6 فيبروري تي نواز شريف جو پاسپورٽ ري نيو نه ٿيندو، رد تصور ٿيندو، نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ لاءِ پوريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، برطانوي حڪومت سان ڪو به معاهدو ناهي ٿيو، عمران خان مافيا جي خلاف اگهاڙي ترار کڻي وڙهي پيو، اٽي چورن خلاف به وڙهي رهيو آهي، هن سال مهانگائي ختم ڪري ساهه کڻنداسين، هو پنج سال پورا ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *