پ پ سنڌ ۾ گئس جي بندش ۽ عوام دشمن پاليسين خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي؛ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ وفاقي حڪومت پاران سنڌ ۾ گئس جي بندش ۽ عوام دشمن پاليسين جي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي خميس ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ صوبائي صلاحڪار مرتضي وهاب، صوبائي وزيرن امتيارز شيخ ۽ اويس قادر شاه سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي پي پي پي سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، راشد رباني، نعمان شيخ، شڪيل ميمڻ پڻ موجود هيا. نثارکهڙو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پاران وفاقي حڪومت جي سنڌ ۽ عوام دشمن پاليسين جي خلاف سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ مرحليوار احتجاج ڪيو ويندو ۽ اڄ جمعي ڏينهن پيپلز پارٽي ڪراچيءَ ۾ ڀرپور احتجاج ڪندي. هن چيو ته سنڌ 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪندڙ صوبو آهي ۽ آئين تحت گئس تي پهريون حق سنڌ صوبي جو آهي پر وفاقي حڪومت سنڌ جي گئس بند ڪري آئين جي خلاف ورزي ڪري رهي آهي ۽ سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکيو پيو وڃي. هن چيو ته گئس جي بندش سان صنعتون، سي اين جي اسٽيشنز، ٽرانسپورٽ ۽ گهريلو صارفين سخت متاثر ٿيا آهن. نثار کهڙو چيو ته جيڪڏهن سنڌ سان زيادتيون بند نه ڪيون ويون ته سنڌ مان ٻين صوبن لاءِ گئس جي فراهمي بند ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ گئس بندش جي ذميدار وفاقي حڪومت آهي. هن چيو ته هاڻي وفاقي حڪومت پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ سياست کي گندو ۽ سياستدانن کي بدنام ڪري رهي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ کي نيب ڪارواين جي ڪابه پرواهه فڪر ناهي اهڙين ڪارواين سان اسان کي ڊيڄاري نه ٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي ڪيسن ۽ ٽرايل سان منهن ڏيندي ۽ منهن ڏئي رهي آهي. نثار کهڙو چيو ته عمران خان هٽلر ۽ ميسولين وڌيڪ ياد آهن ان ڪري کيس نيب چيئرمين سان ملاقاتون ياد اچي رهيون آهن ته پوءِ مخالفن لاءِ انتقامي ڪاروايون ته ٿينديون؟. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت کان استعيفي جو مطالبو نه ٿا ڪيون پر سندس خودڪشي ڪرڻ جي تاريخ جو اتنظار ضرور ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته هن دعوي ڪئي هئي ته آءِ ايم ايف وٽ نه ويندا ۽ خودڪشي ڪندا ۽ هاڻي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف ۾ ڊيل ٿي چڪي آهي. هن چيو ته عوام کي ڌوکي ڏيڻ لاءِ پيٽرول، گئس، بجلي ۽ ڊالر جون قيمتون وڌائي آبادگارن جي کاڌ تي سبسڊي به ختم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت آمر پرويز مشرف وارو احتساب ڪرڻ بدران آمر جي بي ٽيم ۽ سڀني جو برابريءَ جي بنياد تي احتساب ڪري. ان موقعي تي اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مرتضي وهاب چيو ته سنڌ ۾ گئس جي بندش آئين جي آرٽيڪل 158 جي خلاف آهي سنڌ مان 70 سيڪڙو گئس پيدا ٿئي ٿي ۽ محروم به سنڌ کي ئي رکيو پيو وڃي. هن چيو ته اها ڪهڙي مديني جي رياست آهي جنهن ۾ پهريان سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو ۽ هاڻي سنڌ جي گئس بند ڪئي وئي آهي. هن چيو ته گئس بندش سبب صنعت ۽ معيشت متاثر ٿي رهي آهي. مرتضي وهاب چيو ته اها ڪهڙي مديني جي رياست آهي جنهن ۾ وزيراعظم صبح جو هڪڙا فيصلا ڪري رهيو آهي ته شام جو اهي وري تبديل ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ڇا هي آئين شڪن حڪومت آهي يا نااهل حڪومت.هن چيو ته وزيراعظم سنڌ جي عوام ۽ سنڌ حڪومت کي مجبور نه ڪري نه ته سنڌ جو عوام روڊن تي هوندو. صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته گئس بندش جي اشو تي وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو پر وفاق پاران سنڌ جي گئس جي بحاليءَ لاءِ ڪا به پيش رفت نه ڪئي وئي آهي ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ به سنڌ جي آواز تي ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي. هن چيو ته گ.س بندش  جي ڪري صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ بي روزگار ٿي رهيا آهن ۽ ڪيپٽو پاور پلانٽ ۽ سي اين جي اسٽيشنز بند ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت اهڙو عمل ڪر سڀ کان وڌيڪ سزا ڪراچيءَ وارن کي ڏني آهي جتان پي ٽي آءِ کي ووٽ مليو. امتياز شيخ چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ به سنڌ سان زيادتين جو ازالو نه ڪيو ويو ۽ اوگرا ، اين ٽي ڊي سي ۾ به سنڌ جي ڪا نما.ئندگي نه ڏني وئي آهي. هن چيو ته وفاقي وزير ڪراچي اچي رهيا آهن انهن سامهون به اهو اشي اٿاريو ويندو۽ هر فورم تي آواز اٿارينداسين.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *