پ پ سموري مشڪلات،ناانصافين ۽ انتقامي ڪاررواين جو مقابلو ڪندي: بلاول

ڪراچي( رپورٽر)پيپلزپارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته يومِ پاڪستان اسان کي پنهنجيون ذميواريون ياد ڏياري ٿو،  نظرئي پاڪستان کي نقصان رسائيندڙ کي خبردار ڪيان ٿو ته اُهي مڙي وڃن ۽ ڪجهه ماڻهن جـَي مفادن کي فائدو پهچائڻ لاءِ اصول نه ٺاهين.يوم پاڪستان جي حوالي سان جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  پاڪستان جـَي باني جـَي ويزن سان وفا جو عزم ورجائڻ جو ڏهاڙو آهي، اڄوڪو ڏينهن اسان کي پنهنجي ذميواري ياد ڏياري ٿو.هن چيو ته سڀني جـِي ذميواري آهي ته پاڪستان جَي باني جـَي اصولن تي عمل ڪندي ملڪ ۾ اهڙو جمهوري معاشرو بڻايون، جتي انصاف جو نظام هڪجهڙو، امن، انصاف ۽ انساني حقن جو احترام هجي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نظرئي پاڪستان جـِي پاڙُن تي ڪهاڙو هلائيندڙن کي خبردار ڪيان ٿو ته مڙي وڃن، قومون ڪجهه ماڻهن جي مفادن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهڙا اصول نه ٺاهين، جيڪي عالمي توڙي علائقائي سطح تي تبديلين کانپوءِ هانءَ تي طور سمجهيون وڃن.پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته باوقار قومون پنهنجي مفادن ۽ عوامي ڀلائي کي سامهون رکي بيانِيو ٺاهينديون آهن، هن وقت انتهاپسندي ۽ دهشتگردي سان سموري قوم زخمي آهي، اهڙين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اٽل ارادن جـِي ضرورت آهي، ڏيکاءَ ۽ ايڊهاڪ بنيادن تي ٺاهيل پاليسيون هميشه ناڪام ٿينديون آهن.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي هميشه نظرئي پاڪستان ۽ قرارداد پاڪستان جي علمبردار رهي آهي، سمورين ڏکيائين، ناانصافين ۽ انتقامي ڪاررواين جو ڄمي مقابلو ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *