پ پ جي دور ِحڪومت وارا گذريل ڏهه سال سنڌ مٿان عذاب، بربادي ۽ تباهيءَ وارا سال هئا؛شاد کوسو

باڊهه(رپورٽر) سنڌ عوامي پارٽيءَ جي سربراهه شاد کوسو چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي دورِحڪومت وارا گذريل ڏهه سال سنڌ مٿان عذاب، بربادي ۽ تباهيءَ وارا سال هئا ۽ جيڪڏهن 28 مئي 2018ع کي يومِ نجات ڪري ملهائجي ته ڪو حرج نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن باڊهه ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي نمائيندن، صحافين ۽ شهرين جي مان ۾ ڏنل افطار پارٽيءَ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پ پ جا چونڊيل نمائيندا خوشحال ٿي ويا ۽ سنڌ بدحال ٿي وئي ۽ هاڻي به جيڪڏهن سنڌ جي عوام ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال نه ڪيو ته پوءِ سنڌ ۽ سنڌي قوم جو الله ئي حافظ آهي. سنڌ عوامي پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ سجاد مصطفيٰ ڏيرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌي عوام هميشه ڀٽن جي قرض ادا ڪرڻ ۾ پاڻ لٽايو آهي ۽ جمهوريت جي نالي تي کين بيوقوف بڻائي پ پ وارن هميشه سنڌي عوام جو استحصال ڪيو آهي. هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ مفاد پرست ۽ عوام جو رت چوسيندڙ پيپلن جي رستا روڪ ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ عوامي پارٽي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نمائيندا جماعت ٿي اڀرندي ۽ هر ان نمائيندي جي حمايت ۽ تاعيد ڪئي ويندي جيڪو سنڌ جو سڄڻ ۽ پ پ مخالف هوندو. افطار پارٽيءَ کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي ليڊيز ونگ جي اڳواڻ عاصمه ابڙو خطاب ڪندي چيو ته پارٽيءَ طرفان پي ايس 13 تي صوبائي سيٽ لاءِ مونکي نامزد ڪيو ويو آهي. ان لاءِ مان اوهان سڀني کي اپيل ٿي ڪيان ته خدارا پنهنجي ٻچڙن ۽ انهن جي مستقبل تي رحم کائو ۽ وري ان پيپلز پارٽيءَ کي ڪڏهن به ووٽ نه ڏيو جيڪي عوام جا غدار ۽ دوکي باز آهي. جن هميشه روٽي ڪپڙا اور مڪان جو نعرو هڻي صرف پنهنجو پيٽ ڀريو آهي پر سنڌ جو عوام اڄ به اڃيو، بکيو، بي گهر ۽ پٺي اگهاڙو آهي. ان کان علاوه تقريب کي ايس اي پي جي غلام رسول مارفاڻي، حاجي عبدالله لاشاري، ايس ٽي پي جي ڪامريڊ قادر بروهي، جسقپ جي دودو ديشي، پ پ جي حاجي امداد حسين سيال خطاب ڪيو ۽ مشهور نعت خوان راجا سومرو نعت پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *