اسلام آباد(بيورو) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سياسي صورتحال ۽ پاناما ڪيس تي عدالتي ڪارروائي بابت ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ خورشيد شاهه، قمر الزمان ڪائره، نديم افضل چن ۽ ٻيا اڳواڻ سريڪ ٿيا. خورشيد شاهه ۽ قمر الزمان ڪائره پارٽي جي چيئرمين کي عدالتي ڪارروائي بابت بريف ڪيو. اجلاس ۾ حڪومت مخالف تحريڪ تي غور ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر وزير اعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڪارڪن تيار ٿي وڃن وزير اعظم کي گهر وڃڻو آهي.