ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف، پاڪستان پيپلز پارٽي جون 3 اهم وڪيٽون ڪيرائي ڇڏيون آهن، حاجي مظفر علي شجرا، عبدالقادر بلوچ ۽ عبدالجاري جيلاني تحريڪ انصاف ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر فردوس شميم نقوي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ملير مان اهم شخصيتون پي ٽي آءِ شامل ٿيون آهن، مظفر شجرا، عبدالقادر بلوچ ۽ عبدالباري جيلاني کي پارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار چئون ٿا. سندس چوڻ هو ته مظفر شجرا نرم دل ۽ ايماندار انسان آهي، تحريڪ انصاف ۾ جيڪو به ايندو آهي اهو نئين پاڪستان جو عزم ڪري ايندو آهي. ان موقعي تي مظفر شجرا چيو ته عزت جي خاطر پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو آهيان، محنت سان ڪم ڪندس، ڪرپشن خلاف عمران خان جي جدوجهد متاثر ڪندڙ آهي. عبدالقادر بلوچ چيو ته پ پ جي 10 ورهين جي دور ۾ سنڌ مسئلن جو ڳڙهه بڻجي وئي، هاڻ پ پ جي وَس جي ڳالهه ناهي ته اها سنڌ جا مسئلا حل ڪري، اسان کي اميد آهي ته وزيراعظم پنهنجي نظريي تي هلندي سنڌ جا مسئلا حل ڪندو.