ڪراچي(رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مجلس تي فائرنگ ۾ پوليس جي ڪوتاهي ضرور هئي پر مجلس گهر ۾ هئي، مجلس عزا بابت پوليس کي خبر هئڻ گهرجي ها. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عدالتن تي اعتماد آهي، ڊاڪٽر عاصم جلد بري ٿيندو، بلاول ڀٽو زرداري وچ مدي واري چونڊن جي ڳالهه ناهي ڪئي. چيني سيڙپڪارن کي تحفظ ڏيڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي. هن چيو ته پ پ جمهوريت تي يقين رکي ٿي، ڊاڪٽر عاصم سان ملاقات ڪئي ۽ سندس صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي. ڊاڪٽر عاصم سمورا قانوني تقاضا پورا ڪرڻ بعد آزاد ٿيندو. ڊاڪٽر عاصم کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان سياسي قيد بڻايو ويو آهي، ڊاڪٽر عاصم تي نيب جا ڪيس باقي آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي نيب جي ڪيسن مان به ضمانت ٿي ويندي، آئون ڪنهن جي به احتجاج جي طريقي تي تنقيد نٿو ڪرڻ چاهيان. احتجاج سڀني جو جمهوري حق آهي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن تي تشدد جي مذمت ڪيان ٿو هوڏانهن وڏو وزير مراد علي شاهه جناح اسپتال پهچي مختلف ڪيسن ۾ گرفتار اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي عيادت ڪئي، مراد علي شاهه چيو آهي ته کين عدالتن تي اعتماد آهي، ڊاڪٽر عاصم جلد بري ٿي ويندو،پيپلز پارٽي آئين ۽ جمهوريت تي يقين رکي ٿي، بلاول ڀٽو زرداري وچ مدي وارين چونڊن جي ڳالهه نه ڪئي آهي.وڏو وزير مراد علي شاهه جناح اسپتال پهچي جناح اسپتال ۾ داخل اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين جي عيادت ڪئي.وڏي وزير ، دهشتگردن جو مبينا طور علاج ڪرائڻ واري ڪيس ۾ ضمانت منظور ٿيڻ تي ڊاڪٽر عاصم حسين کي مبارڪون پڻ ڏنيون.ڊاڪٽر عاصم حسين جي عيادت بعد پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر عاصم حسين ضمير جو قيدي آهي ۽ کين عدالتن تي اعتماد آهي، ڊاڪٽر عاصم جلد بري ٿي ويندو. مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري وچ مدي وارين چونڊن جي ڳالهه نه ڪئي آهي، پيپلز پارٽي آئين ۽ جمهوريت تي يقين رکندڙ پارٽي آهي…