لاهور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سمورين مخالف پارٽين صدارتي چونڊ لاءِ مون تي اعتماد ڪيو، پ پ به متحدا اپوزيشن جي فيصلي کي قبول ڪري. شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته صدارتي اميدوار لاءِ حمايت ڪرڻ تي ن ليگ جو ٿورائتو آهيان، شهباز شريف چاهي ٿو ته اسان پ پ سان رابطو جاري رکون. هن چيو ته سمورين مخالف پارٽين صدارتي چونڊ لاءِ مون تي اعتماد ڪيو، هاڻ پ پ به متحدا اپوزيشن کي فيصلي کي قبول ڪري. سندس چوڻ هو ڪوشش ڪنداسين ته اپوزيشن جو هڪ ئي اميدوار هجي ۽ اهو مقابلو گڏيل طور وڙهون، پ پ اميدوار کي هٿ کڻائڻ سولو ناهي.27