پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم جو لنڊن جي پارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ آپريشن

لنڊن ( م ڊ ) پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم  جو لنڊن جي پارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ آپريشن ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر عاصم جي چيلهه ۾ تڪليف آهي، آپريشن کان اڳ سندس بلڊ پريشر هاءِ ٿيڻ سبب انتظار ڪيو ويو. آپريشن کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته مان علاج کانپوءِ واپس هليو ويندس، هتي نه رهندس. هن چيو ته ڊاڪٽرن جي راءِ وٺي ترسندس، ڪجهه مهينا به لڳي سگهن ٿا. ڊاڪٽر عاصم چيو ته کيس ڪنهن اين آر او جي ضرورت ناهي، ٺيڪ ٿي ئي پاڪستان وڃي پنهنجي سياسي ۽ سماجي سرگرميون جاري رکندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *