ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ مولا بخش چانڊئي ۽ نفيسه شاهه حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي. تفصيل موجب پيپلز پارٽي طرفان حڪومتي بندوبست ۽ تبديل ٿيندڙ بيانن تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي. پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊئي الزام هنيو آهي ته حڪومت ملڪي اثاثا سيل تي لڳايا پيا وڃن، حڪرانن جي نااهلي ملڪ جي لاءِ سنجيده مسئلا بيهاري رهي آهي. هن سوال ڪيو ته وزير اعظم هائوس 4 ملازمن سان ڪيئن هلندو، يوٽرن موجوده حڪمران قيادت جي سڃاڻپ هو، پر هاڻ معاملا وڌيڪ سنگين ٿي چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته يوٽر موجوده حڪومت جي عادت آهي، وفاقي وزير هڪ ڏينهن اعلان ڪندا آهن ته ٻئي ڏينهن وري ڦِري ويندا آهن. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نفيسه شاهه طرفان به حڪومت کي تنقيد ڪئي وئي، هن چيو ته حڪومت کي ڪل 50هون ڏينهن ٿي ويندو، 100 ڏينهن جي اندر حڪومت جو رخ واضح ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت جو يوٽرن واضح ٿي رهيو آهي، ڪالهه جيڪا بجيٽ پيش ٿي، اُها بجيٽ نه پر فنانس بل آهي، هن وقت تائين اسان جي بجيٽ اسحاق ڊار ۽ مفتاح سماعيل واري ئي هلي رهي آهي