ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ اڳواڻ سعيد غني جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ پيپلز پارتي جي مقابلي ۾ ڪابه پارٽي ناهي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جا ٻئي ڌڙا مليا ته پوءِ مقابلو متحدا سان هوندو.تفصيل موجب پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني اين اي 244 ۽ پي ايس 104 تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جيڪي منظور ڪيا ويا.ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي جي وڏي پارٽي بڻجي اڀرندي، ڇو ته ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جو ڪوبه مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، ايم ڪيو ايم جا ڌڙا ملي ويا ته پوءِ انهن سان مقابلو هوندو، پر ڪاميابي پيپلز پارٽي کي ئي ملندي.ان موقعي تي سعيد غني جو چوڻ هو ته اليڪشن ۾ ڪاميابي جي دعويٰ ته سموريون سياسي پارٽيون ڪنديون آهن پر اسان کي عوامي راءِ کي ڏسڻو پوندو مقابلو ڪنهن جي وچ ۾ آهي ڇو ته پيپلز پارٽي کي هر سياسي مخالف سنجيدا وٺي رهيو آهي.