اسلام آباد/سکر (بيورو رپورٽ) نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي گرفتار ڪري ورتو. نيب سندس گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي. نيب ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه کي اسلام آباد ۾ سندس بني گالا واري رهائشگاهه تي گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب راولپنڊي ۽ سکر جي ٽيم سندس گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي. خورشيد شاهه کي راهداري رمانڊ وٺڻ لاءِ سڀاڻي سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه کي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ اڳواڻ تي ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ بنگلي لاءِ ايمنسٽي پلاٽ غيرقانوني طور پنهنجي نالي ڪرڻ جو الزام آهي، جڏهن ته هُن هوٽل، پيٽرول پمپس ۽ بنگلا پنهنجي فرنٽ مين سوڌو ٻين جي نالي ڪرايا. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ خورشيد شاهه تي لڳل الزام ثابت ٿيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. خورشيد شاهه خلاف جاچ 7 آگسٽ تي شروع ڪئي وئي هئي.