پ پ ئي هر بحران مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري

اسڪردو (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام جي قسمت تبديل ڪنداسين، آئيني حقن جو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ عوام جي مدد گهرجي.اسڪردو ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان اسڪردو ۾ رڳو چونڊ مهم لاءِ نه پر پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ آيو آهيان، موجوده حڪومت تاريخي مهانگائي ڪئي، ان کي رڳو پ پ ئي سنڀالي سگهي ٿي.هن چيو ته پيپلز پارٽي جو منشور کڻي هر ڪارڪن وٽ ويندس ۽ گلگت بلتستان جي عوام جي قسمت تبديل ڪري رهندس، عوام منهنجي مدد ڪري، شهيد محترمه جا واعدا پورا ڪندس.سندس چوڻ هو ته آئيني حق پورا ڪرڻ لاءِ توهان جي مدد گهرجي، گلگت بلتستان جو عوام جنهن تاريخي معاشي بحران، بيروزگاري ۽ مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان بحران مان پ پ کي ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *