پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ،ڪو به نئون ٽيڪس يا نئين اسڪيم شامل نه هوندي

ڪراچي(رپورٽ؛نظير ميمڻ)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽن مهينن لاءِ 11 کرب 44 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ ڪابه ترقياتي اسڪيم شامل ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.رپورٽن مطابق سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال جي صوبائي بجيٽ پيش ڪئي، سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي حڪومت ٻيهر مينڊيٽ سان چونڊجي ايندي. تقرير جي شروعات ۾ وڏي وزير جو چوڻ هو ته 20 ڏينهن بعد اسيمبلي جو مدو پورو ٿي ويندو، الله جي ڪرم سان اسيمبلي پنهنجو 5 سالن وارو مدو پورو ڪيو، آئين تحت صوبائي حڪومت پوري سال جي بجيٽ پيش ڪري رهي آهي. هن چيو ته هن سال صوبي ۾ ڪوبه دهشتگردي جو واقعو پيش نه آيو، پهريان لاشن جون ڳالهيون ٿينديون هيون، هاڻي امن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.هن چيو ته پ پ قيادت فيصلو ڪيو ته حڪومت رڳو ٽن مهينن لاءِ بجيٽ پيش ڪندي، پهرين جولاءِ کان 30 سيپٽمبر تائين جي بجيٽ پيش ڪئي، بعد ۾ چونڊجندڙ حڪومت 30 سيپٽمبر کان بعد جي بجيٽ پيش ڪندي. وزيراعليٰ سنڌ جو چوڻ هو ته بجيٽ ۾ ڪابه نئين اسڪيم ناهي وڌي، پراڻين اسڪيمن کي مڪمل ڪيو ويندو، 3 مهينن جي بجيٽ ٽيڪس فري آهي، بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 11 کرب 44 ڪروڙ 8 لک جڏهن ته ان جي خساري جو ڪاٿو 17 کان 22 ارب تائين جو مختص ڪيو ويو آهي، حڪومت نئين مالي سال ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس ناهي لڳايو.سندس چوڻ هو ته هن وقت تائين 423 ارب رپيا مليا، جڏهن ته ايندڙ ٻن مهينن ۾ 175 ارب رپين جي وفاق کان ادائيگي باقي آهي، جيڪڏهن اها رقم نه ملي ته مختلف اسڪيمون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون. هن چيو ته ترقياتي بجيٽ جو ڪل ڪاٿو 90-343 ارب رپيا آهن، ڪل ڪاٿو 282 ارب رپيا صوبائي بجيٽ مان ڏنا ويندا، جڏهن ته 46-894 ارب رپيا غير ملڪي امداد جي منصوبن مان ملندا. هن چيو ته 02-15 ارب رپيا ترقياتي اسڪيمن لاءِ ڏنا ويندا ۽ سنڌ حڪومت هن سال 714 اسڪيمون مڪمل ڪري وٺندي.مراد علي شاهه چيو ته 197 ارب رپيا ٽيڪس جي مد ۾ آمدني متوقع آهي، پاڪ چائنا اقتصادي راهداري جي حفاظت لاءِ الڳ سيڪيورٽي فورس جوڙي ۽ 2 هزار 959 ماڻهن کي خاص تربيت ڏني، مجموعي طور تي حڪومت جي ڪوشش آهي ته پوليس کي بهتر سکيا ڏني وڃي ته سندن ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿئي. هن چيو ته تعليمي ميدان ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمن لاءِ 25 ارب رپين جي بجيٽ مختص ڪئي وئي، جنهن تحت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اسڪول تعمير ڪرايا ويندا، جتي بجلي ۽ پاڻي جي مڪمل سهولت هوندي.هن اعلان ڪيو ته صحت لاءِ غير ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 12-12 رکيا ويا، جڏهن ته شعبي ۾ ترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 50-12 ارب رپيا مختص ڪيا، صحت جي شعبي ۾ 12-5 ارب جي لاڳت سان 68 نيون اسڪيمون شروع ڪيون، جڏهگن ته ايس آءِ يو ٽي کي 5 ارب ڏنا ويندا، ان کانسواءِ غذائي کوٽ ۽ بيماري سان وڙهڻ لاءِ 1-5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *