اسلام آباد/ڪهوٽا(بيورو رپورٽ/م ڊ) وزير اعظم نواز شريف ڪهوٽا ۽ ڪلر سيدان ۾ اربين رپين جي ماليت جي ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪو به گاريون ڏيندڙ شخص ليڊر نٿو ٿي سگهي، مخالف ترقي واري راهه ۾ رنڊڪون وجهي ملڪ کي 50 سال پوئتي کڻي وڃڻ چاهين ٿا، سر عام پٽڪو لاهيندڙ به عوام جو لينڊر نٿو ٿي سگهي. ڪهوٽا ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته ماڻهون جو پٽڪو لاهيندڙ ۽ گاريون ڏيندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ عوام جو ليڊر ۽ اڳواڻ نٿو ٿي سگهي، پاڪستان جا ماڻهو عزت ڪندا آهن ۽ عزت چاهيندا آهن. اسان ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، اڃا چونڊون پري آهن پر اوهان هاڻي ئي نعرا هڻي رهيا آهيو، مخالف ڄاڻن ٿا ته هتي سڀ ڪجهه اچڻ وارو آهي، جيڪڏهن موٽر وي بڻيا ته ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ بڻيا. مسلسل ڪوڙ ڳالهائڻ وارو اوهان جو ليڊر نٿو ٿي سگهي، ملڪ ۾ بجلي به تڏهن ايندي آهي جڏهن ن ليگ جي حڪومت ايندي آهي، وزيراعظم چيو ته ڌرڻا هڻندڙن وٽ ملڪ جي ترقي جي ڪا به ايجندا نه آهي. ڌرڻا هڻندڙ چاهن ٿا ملڪ ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي بند رهي. پاڪ چين راهداري منصوبو خوشحالي جو پيغام آهي. ٽي سال پهرين ملڪ ۾ 16- 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هوندي هئي. وزيراعلي چيو ته اسان ڪهڙي ڏوهه ۾ جيل ڪاٽيوسين ان جي خبر اڄ تائين ناهي پئجي سگهي. شاهد خاقان عباسي 14 مهينا مون سان گڏ جيل ۾ رهيو، سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ته ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو شامل ڪن. هن وڌيڪ چيو ته مخالفن کي خوف آهي ته جيڪڏهن 2018ع تائين ن ليگ رهي ته پوڙها ٿي وينداسين. اسان نوجوانن کي ليپ ٽاپ ڏنا. اسان دهشتگردي جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ بيروزگاري جو خاتمو منهنجي پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ۾ ڪشمير جي ڳالهه 3 ڀيرا ڪئي آهي ۽ اڳتي به ڪندو رهندس. ڪهوٽا اچي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. اتي جا ماڻهو تمام گهڻا خوبصورت آهن. وزيراعظم ڪهوٽا ۽ ڪلر سيدان ۾ اربين رپين جي ماليت جي ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو، وزيراعظم چيو ته ڪهوٽا ۾ گئس ڏني ويندي، تعلقي اسپتال کي بهتر بڻايو ويندو. 12 هاءِ اسڪولن کي هائير سيڪنڊري اسڪولن جو درجو ڏنو ويندو. ڪلر سيدان ۽ ڪهوٽا ۾ 100 ڪلوميٽر روڊ ٺاهيا ويندا. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته هنن ترقياتي منصوبن سان علائقي ۾ خوشحال ايندي. وزيراعظم ٻارڙن جي تعليم تي زور ڏيندي چيو ته منهنجي خواهش آهي ته شاگردن سان گڏ شاگردياڻين لاءِ به اعليٰ تعليم جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن معاشري جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته اقتصادي ترقي ۽ دفاعي ترقي (ن) ليگ جي دور ۾ ٿي، ايٽمي ڌماڪا به اسان ڪيا، مشرف يا پيپلزپارٽي جي دور ۾ موٽروي ڇو نه ٺهيا. انهن ملڪ کي لوڊشيڊنگ ڏني ۽ اهي قوم جا ڏوهاري آهن. مخالفن کي نظر اچي رهيو آهي ته 2018ع ۾ به (ن) ليگ جي حڪومت ايندي ۽ اسان پوڙها ٿي وينداسين. ٻئي طرف وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي سان خطي جي عوام جي تقدير تبديل ٿي ويندي، پاڪستان جي معيشت ماضي جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي وئي آهي. پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نوازشريف سان چيني سيڙپڪارن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ-چين لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پي ايم هائوس ترجمان موجب، چيني سيڙپڪارن جي وفد پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معيشت ۽ حڪومتي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزير اعظم نواز شريف چيو ته پاڪ چين دوستي ۾ قيادت ۽ عوام جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، گذريل 3 سالن دوران پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي آهي. هن چيو ته راهداري منصوبو خطي جي عوام جي زندگي ۾ تبديلي آڻيندو، پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام کي ساراهيو پيو وڃي.