پي ڊي ايم کي خبر آهي ته ڊسمبر ۾ لاهور وارو آخري جلسو فيصلائتو هوندو: مريم نواز

لاهور ( بيورو رپورٽ) نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پي ڊي ايم کي خبر آهي ته ڊسمبر ۾ لاهور وارو آخري جلسو فيصلائتو هوندو، ٿي سگهي ٿو لاهور جلسي کانپوءِ مارچ جِي ضرورت نه پوَي، وارِي جِي ڀت کي آخري ڌِڪَي جِي ضرورت آهي، مريم نواز چيو ته لاهور زور لڳائيندو ته حڪومت ختم ٿي ويندي، مخالفين چون ٿا ته نوازشريف جِي سياست ختم ٿي وئي، ملڪ جِي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نوازشريف نظر اچي رهيو آهي، مريم نواز چيو ته پوري رياستي قوت نوازشريف جَي پويان لڳائي وئي پر اڄ گڏ ويٺل سڀ ڏَڪِي رهيا آهن، نوازشريف جَي بيانيَي کي گهر گهر پهچائڻ جو وقت اچي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *