اسلام آباد(بيورو) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي صدارت اُهو پيو ڪري جنهن جي پنهنجي گهر ۾ عزت ناهي.شبلي فراز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ڊي ايم جو جمهوري حڪومت کي هٽائڻ جو مطالبو کل ڏياريندڙ آهي، جمهوري حڪومت عوام جي حمايت سان اقتدار ۾ آئي، پي ڊي ايم وٽ جمهوري حڪومت خلاف ڪهڙا ثبوت آهن؟ پي ڊي ايم جو مطالبو آهي ته چونڊيل حڪومت کي هٽائي انهن کي کڻي اچون، سمورن عالمي ادارن اليڪشن جي شفاف هئڻ جي تصديق ڪئي.شبلي فراز چيو ته عوام ڪرپٽ سياستدانن کي رد ڪري عمران خان تي اعتماد ڪيو، پي ڊي ايم جو نظريو ڪنهن به طرح جمهوري ناهي، پي ڊي ايم جي تحريڪ ساهه ڇڏائي رهي آهي، مخالف ڌر چونڊيل حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿي، مولانا جي پارٽي ئي مٿس عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي، پارٽي جي سينيئر اڳواڻن مولانا فضل الرحمان کي بي نقاب ڪيو آهي، پي ڊي ايم جي صدارت اُهي پيا ڪن جنهن جي پنهنجي گهر ۾ عزت ناهي.علي امين گنڊاپور چيو ته مولانا فضل الرحمان ڪرپشن بابت سوالن جو جواب نه ڏنو، هو سوال ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، انهن ڌمڪين مان واضح آهي ته هو ڪرپٽ آهي، چوري ناهي ڪئي ته منهن ڏيو، ڌمڪيون ڇو پيا ڏيو؟ فضل الرحمان جي بنا نالي ملڪيت جي ثبوت ملي رهيا آهن، انهن کي ڦريل دولت جو حساب ڏيڻو پوندو، مولانا شيراني چيو ته مولانا فضل الرحمان سليڪٽڊ آهي.