ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءُ، مڪاني ادارن ۽ ٻيلن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پي ڊي ايم ۾ اختلاف جا شوشا ڇڏيا ويندا آهن، پي ڊي ايم ۾ ڪنهن قسم جو اختلاف ناهي استعيفن جو آپشن موجود آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي گڏجاڻي ۾ اسان جي سينيئر قيادت موجود هوندي. جڏهن ته پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ويڊيو لنڪ ذريعي رابطي ۾ هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو پارڪ ۾ نئين سال جي آمد تي ٻوٽا لڳائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڪيو. هن چيو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ نااهل حڪمرانن کان عوام ۽ ملڪ کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي تحريڪ آهي جيڪا زور شور سان جاري آهي هن تحريڪ ۾ مرحلا طئي ڪيا ويا هئا جنهن جي طرف اسان گامزن آهيون. پي ڊي ايم جي تحريڪ ۾ جلسن، ريلين، احتجاج، ڌرڻي ، عدم اعتماد جي تحريڪ ۽ پوءِ استعيفن جا مرحلا طئي ڪيا هئا سمورين جماعتن پنهنجا استعيفيٰ پنهنجي قيادت وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن جڏهن وقت ايندو ته لاڳاپيل اسيمبلين جي اسپيڪر کي استعيفيٰ جمع ڪرائي ڇڏينداسين. هن چيو ته جيڪڏهن پي ڊي ايم استعيفن جو فيصلو ڪندي آهي ته سينٽ جي چونڊن ۾ حصو نه وٺنداسين. هن چيو ته وفاقي سرڪار جي نااهلي ڪري عام ماڻهو پريشان آهي. عوام ٻن وقتن جي ڳڀي، ٻارن جي اسڪول فيس، گيس ۽ بجلي جا بل ادا ڪرڻ لاءِ پريشان آهي. پي ٽي آئي سرڪار تازو ئي عوام کي نئين سال جو تحفو ڏيندي پيٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. ڪڻڪ جو بحران، کنڊ، دوائون، تيل ۽ ايل اين جا بحران سڀني جي سامهون آهن. وفاقي سرڪار سستي اگهن ۾ ڪڻڪ پرڏيهه موڪلڻ جي اجازت ڏني ، جڏهن ته ڪڻڪ جي نئين فصل کي سنڀالي نه سگهيا ۽ ملڪ مان ڪڻڪ اسمگل ٿي وئي، بعد ۾ غير معياري ڪڻڪ پرڏيهه مان مهانگي اگهه تي گهرائي وئي.