پي ڊي ايم جو وڏو فيصلو، قومي ۽ صوبائي ميمبرن کي 31 ڊسمبر تائين استعيفائون پيش ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ اتحاد جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سمورين پارٽين جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي استعيفيٰ پارٽي قيادت وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيو جنهن ۾ مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ويڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.ان کان سواءِ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل جي سربراهه نواب اختر مينگل) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ ن جي مريم نواز سميت ٻين سربراهن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ حڪومت مخالف ڌر تحريڪ تي غور ڪيو ۽ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.پريس ڪانفرنس:سربراهي اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جمعيت علماءِ اسلام ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ٻين سربراهن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ اهم فيصلن کان آگاهه ڪيو.مولانا فضل الرحمان چيو ته 13 ڊسمبر تي مينار پاڪستان تي ئي جلسو ٿيندو ۽ جيڪڏهن رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ملتان کان وڌيڪ خراب حشر ٿيندو جنهن ته جعلي وزير اعظم اڄ اهڙيون ڳالهيون ڪيون ڄڻ هو نشي ۾ ڳالهائي رهيو آهي، هو ڊائيلاگ نه پر اسان کان اين آر او گهري رهيو آهي.هن هدايت ڪئي ته 31 ڊسمبر تائين سمورين پارٽين جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا پارٽي ميمبر سربراهن وٽ وڃي استعيفيٰ جمع ڪرائن.سربراهه اتحاد جو چوڻ هو ته اسٽيرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو جنهن ۾ ملڪ جي اندر ڦيٿي روڪ هڙتال، شٽر ڊائون ۽ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جي تاريخ مقرر ڪئي ويندي.گرفتارين بابت سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته اسان سوچيو به ناهي ته گرفتاري ڪهڙي شئي هوندي آهي؟هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت تي فرق پئجي چڪو، ڪرسي لڏي پئي رڳو هڪ ڌڪي جي ضرورت آهي.استعيفيٰ بابت سوال تي اتحاد جي سربراهه حڪمران پارٽي تي طنز ڪندي چيو ته اسان استعيفيٰ ڏني ته واپس انهن جيان ڪنداسين، تحريڪ هن پوري سسٽم ۽ ڌانڌلي جي خلاف آهي، ڌانڌلي ڪندڙ پار سوچين ته انهن جو انجام ڇا ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *