پي ڊي ايم جو انجام ڪيترين ئي جماعتن جي سياست جي پڄاڻيءَ سان ٿيندو: شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن ۾ ڏڦيڙ آهي ۽ تحريڪ جو انجام ڪيترين ئي جماعتن ۽ اڳواڻن جي سياست جي خاتمي سان ٿيندو.اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته جن شهرن ۾ اپوزيشن جلسا ڪيا، اتي ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي.هن چيو ته پ پ چيئرمين ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن کي هاڪاري طور ڏسان ٿو پر بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري ته سندس فيصلو ڪهڙو آهي، هڪ پاسي استعيفائن جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ٻئي پاسي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.ڪابينا اجلاس بابت سندس چوڻ هو ته مارگلا روڊ تي حد دخلين جي خاتمي جي هدايت ڪئي وئي ۽ لاڳاپين وزارتن کي چيو ويو آهي ته ان تي عمل يقيني بڻايو وڃي.شبلي فراز ٻڌايو ته ڪابينا سي ڊي اي آرڊيننس 1960 ۾ ترميم جي منظوري ڏني، اها ترميم پبلڪ پرائيويٽ منصوبن کي هٿي ڏيڻ لاءِ منظور ڪئي وئي، جڏهن ته ڇهين مردم شماري ۽ خانه شماري 2017 جي رپورٽ حتمي منظوري لاءِ گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *