اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير شبلي فراز دعويٰ ڪئي آهي پي ڊي ايم طرفان پشاور ۽ ملتان ۾ جلسن کانپوءِ انهن شهرن ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح ۽ فوتگين ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي.ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي شبلي فراز لکيو ته ڪورونا جي حوالي سان تازا انگن اکر ڳڻتيءَ جوڳا آهن، سياسي ميڙاڪا ڪورونا پکيڙڻ جو سبب بڻجي رهيا آهن.هن چيو ته پي ڊي ايم طرفان پشاور ۽ ملتان جلسن کانپوءِ انهن شهرن ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح ۽ فوتگين ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي، اهڙا ميڙاڪا قانون ۽ ضابطن جا بخيا اڊيڙڻ برابر آهن.سندس چوڻ هو اپوزيشن اڳواڻ پاڻ ته گهر جي پرسڪون ماحول ۾ قرنطينه ۾ آهن پر ڪارڪنن ۽ عوام کي ذاتي مفاد جي تحفظ لاءِ ٻارڻ جو استعمال ڪيو پيو وڃي.شبلي فراز چيو ته نيٺ اپوزيشن ڪيستائين معصوم عوام جي زندگين سان ائين ئي کيڏندي رهندي؟ ڪورونا سان پنهنجن کي وڃائيندڙ باشعور عوام انهن کي ڪڏهن معاف نه ڪندو.