پي ڊيم ايم متحد آهي، حڪومت کي هر طرف کان وار ٿيندا: آصف علي زرداري

لاهور: (م ڊ) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري  چيو آهي ته ملڪ هن وقت خطرن ۾ آهي.حڪمران ڪا وڏي غلطي ڪري سگهن ٿا. حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ هن وقت تمام گهڻو ضروري ٿي چڪو آهي. ذريعن موجب اڳوڻي صدر اها ڳالهه پيپلز پارٽي پنجاب جي جنرل سيڪريٽري چوڌري منظور احمد سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيون. آصف زرداري اهو به واضح ڪيو ته پي ڊي ايم متحد آهي.اپوزيشن پارٽين ۾ ڪوبه اختلاف نه آهي. آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته حڪمرانن جي نااهلي سبب ملڪ ڪنهن وڏي حادثي جو شڪار ٿي سگهي ٿو حڪومت کان ڇوٽڪاري لاءِ پي ڊي ايم سمورا آپشن استعمال ڪندي.هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڪجهه مهينا ملڪي سياست جي مستقبل لاءِ تمام گهڻا اهم آهن. حڪمرانن کي هان وڌيڪ ڪورونا جي پٺيان لڪڻ نه ڏينداسين. هي ماڻهو نه ويڪسين خريد ڪري سگهيا نه ئي بينظير انڪم سپورٽ پروگرامن کان علاوه ڪورونا جي صورتحال دوران عوام جي مدد ڪري سگهيا.اڳوڻي صدر چيو ته اسان 2008ع جي عالمي معاشي بحران جي باوجود ايڪسپورٽ 19 ارب کان 26 ارب تائين وڌائي. ملڪ جو  روينيو ڊبل ڪيو. ملازمن جون 125 سيڪڙو پگهارون وڌايون. ۽ سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته مون اڳ ئي چيو هو ته هي سليڪٽڊ حڪمران پنهنجي وزن سان پاڻ ڪرندا. هاڻ هي ڪري چڪا آهن، بس هاڻ هڪ آخري ڌڪي جي ضرورت آهي. پي ڊي ايم سان ملي پيپلز پارٽي هن ناڪام ۽ نااهل ٽولي کي گهر موڪليندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *