لوئر دير (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته جيڪڏهن پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتون سنڌ حڪومت، مرڪزي حڪومت، سينيٽ مان نڪرڻ جو فيصلو ڪن ته جماعت اسلامي به استعيفائن جو سوچي سگهي ٿي.لوئر دير ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته مارشل لا نه موجوده حالتن ۾ مسئلن جو حل آهي ۽ نه اڳ ۾ هو، حڪومت عوام سان پنهنجو هڪ واعدو به پورو ناهي ڪيو.واضح رهي ته پي ڊي ايم ۾ شامل 11 جماعتون حڪومت مخالف تحريڪ هلائي رهيون آهن، جڏهن ته جماعت اسلامي پنهنجي طور حڪومت خلاف مهم ۾ مصروف آهي.