پي ٽي آءِ 7 مهينن ۾ رڳو ٽوپيون پارايون آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته موجوده حڪومت 7 مهينن ۾ عوام کي رڳو ٽوپيون پارايون آهن، عوام کي رڳو 10 نوڪريون ناهن ڏنيون، هر فيصلي يو ٽرن ورتو آهي، ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته موجوده حڪومت عوام کي ڪو به رليف نٿي ڏئي سگهي، جيستائين موجوده حڪومت سنڌ جا آئيني حق نه ڏيندي ان وقت تائين آواز اٿاريندا رهنداسين، پي ٽي آءِ خاطري ڪرائي هئي ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو ويندو پر ائين نه ٿيو، هن چيو ته مديني جي رياست بڻجي چڪي آهي، هاڻ رياست جي سربراهه کان پڇا ڪيو ته ڪراچي ۾ ڪيترا پيسا لڳايا، هن وقت ڪراچي جو عوام کٽندڙن کي ڳولي رهيو آهي، موجوده حڪومت ماڻهن سان ڪيل واعدا پورا نه ڪيا آهن، پ پ اڳواڻ چيو ته لياري جو عوام نر جي پٽ اسد عمر کي ڳولي رهيو آهي جنهن واعدا ڪيا هئا، 14 روڊ رستا اسان جي پارٽي لياري پيڪيج اندر آڻي رهي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ لياري جو نقشو تبديل ٿي ويندو، هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت قوم اڳيان سچ ڳالهائي ها ته اڄ مٿس دنيا نه کلي هان، انهن ماڻهن جو مقصد سستي شهرت آهي، عوام جي خدمت موجوده حڪومت جو مقصد نه آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪيترائي ڪوڙا واعدا عوام سان ڪيا، ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، حڪومت کي گهرجي ته رڳو ڪوڙا واعدا ڇڏي ڪم شروع ڪري، هن چيو ته ڪراچي ۾ سڄو ڪم سنڌ حڪومت ڪرائي رهي آهي ۽ موجوده وفاقي حڪومت ڪجهه نه ڪري رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *