اسلام آباد (اين اين آءِ) پارٽي فنڊنگ ڪيس ۾ وڪيل پاران پي ٽي آءِ پاران داخل ٿيل ٻڌڻي جو تعين ڪرڻ جو چوڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان جو اختيار نه آهي ته ڇا توهان اسان کي گاريون ڏيندو، چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن ۾ تحريڪ انصاف پارٽي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران اڪبر ايس بابر پي ٽي آءِ جي ميمبرشپ ۽ ڪڍيل رڪارڊ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايو، جڏهن ته ان جي وڪيل چيو ته سيڪريٽري اطلاعات کاتي مان هٽايو ويو، جڏهن ته پارٽي مان نه ڪڍيو ويو آهي ان ڪري پي ٽي آءِ ممنون ذريعن مان فنڊ گڏ ڪيا، جنهن تي وڪيل پي ٽي آءِ جي انور منصور جو چوڻ هو ته ڪو پارٽي جو رڪن هجي يا نه اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته اڪبر ايس بابر جي پارٽي خلاف بيانن جو اسان وٽ گهڻو مواد آهي، هن بيان ڏنو ته مان فلان فلان کي رستي تي وٺي ويندس، چيف اليڪشن ڪمشنر انور منصور کان پڇندي چيو ته لفظن جي استعمال ۾ توهان به محطاط نه آهيو، جڏهن ته عمران خان جي توهين عدالت جو درخواست جو جواب ڪٿي آهي، پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن پهريان پنهنجو دائرو ٻڌڻي جو تعين ڪري ۽ ان جو فيصلو ٿيڻ کانپوءِ توهين عدالت جو جواب ڏينداسين، انور منصور جي جواب تي چيف اليڪشن ڪمشنر ڪاوڙجي پيو ۽ چيو ته اسان جو اختيار نه آهي ته ڇا توهان اسان کي گاريون ڏيندو، انور منصور چيو ته جيڪڏهن توهان طئه ڪيو آهي ته مان هتي ڇو بيٺو آهيان جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته توهان ته پارٽي فنڊ ڪيس ۾ وڪيل آهيو ڇا توهين عدالت ۾ به توهان ئي دفاع ڪندو، توهين عدالت جو جواب ناهي ڏيڻو ته هتي ويهي توهان کي ڇو ٻڌي رهيا آهيون، چيمبر ۾ فيصلو ڪري سگهون ٿا، جڏهن ته اسان توهين عدالت جو جواب نه اچڻ تي حڪم جاري ڪنداسين.