لاهور(م ڊ) تحريڪ انصاف عمران کي وزيراعظم جو باضابطه اميدوار نامزد ڪرڻ لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو. عام چونڊن ۾واضح اڪثريت بعد تحريڪ انصاف وفاق ۾ حڪومت سازي لاءِ مصررف آهي ۽ ان سلسلي ۾ کين آزاد اميدوارن سميت اڪيو ڪيو ايم ۽ ق ليگ جي حمايت حاصل آهي. پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري موجب ڪُل پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڀاڻي بني گالا ۾ طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سمورن چونڊيل ميمبرن کي شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس ۾ عمران خان کي وزيراعظم جو باضابطه اميدوار نامزد ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ ترجمان موجب آزاد ميمبرن جي شموليت بعد تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو انگ 125 ٿي ويو آهي جڏهن ته وزيراعظم لاءِ اتحادين، عورتن ۽ اقليتن سان گڏ تحريڪ انصاف جو انگ 174 تائين پهتو آهي جيڪو مخالف ڌر کان وڌيڪ آهي.سندس چوڻ هو ته بلوچستان نيشنل پارٽي جي حمايت بعد نمبر گيم 177 تائين پهچي ويندي.ٻئي پاسي تحريڪ انصاف حڪومت سازي بابت اهم فيصلا ڪري ورتا آهن جنهن تحت امڪاني وزيراعظم عمران خان جي وفاقي ڪابينا مختصر هوندي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان حڪومت سازي بعد پهرين مرحلي ۾ 15 کان 20 وزيرن ٻڌل ڪابينا تشڪيل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب عمران خان جي وفاقي ڪابينا ۾ متحدا قومي موومنٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جو به هڪ وزير هوندو ۽ بعد ۾ ايم ڪيو ايم مان هڪ صلاحڪار ورتو ويندو. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم کي پورٽ اينڊ شپنگ ۽ محنت ۽ افرادي قوت واري وزارت ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب مسلم ليگ ق جو چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسمبلي ۾ اسپيڪر هوندو جڏهن ته مرڪز ۾ ق ليگ کي ڪا به وزارت نه ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ بلوچستان، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي نمائندگي هوندي ۽ وڌيڪ انگ قومي اسمبلي جي ميمبرن جو هوندو جڏهن اتحادين کي به اهم وزارتون ملڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي پهرين ترجيح سادگي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ هوندو ۽ وزيرن جي ڪارڪردگي عمران خان پاڻ مانيٽر ڪندو.