سکر (ڊ ر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڳجهو آرڊيننس جاري ڪيو.سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ڳجهو آرڊيننس پيش ڪيو، جنهن بابت نه اپوزيشن کي ٻڌايو ويو ۽ نه پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو ويو، اهو آرڊيننس غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، حڪومت ڀارتي جاسوس کي سهولت ڇو ڏئي رهي آهي؟ آرڊيننس جو ڪلڀوشن فائدو کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هن ڀارت جي جاسوس هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي.هن چيو جيڪڏهن آرڊيننس جي ضرورت هئي به ته حڪومت اپوزيشن ۽ عوام کي ٻڌائي ها، اهو حڪومت جو غير معمولي قدم آهي، جيڪڏهن اسان اهڙو ڪجهه ڪيون ها ته جيئڻ حرام ڪيو وڃي ها، ملڪ ۾ قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته عمران خان پاڪستان کي واپس ون يونٽ فارمولي تي آڻڻ چاهي ٿو، اڄ به اين ايف سي تي حملا ٿي رهيا آهن، عمران خان چئي ٿو ته وڏا وزير ڊڪٽيٽر آهن، جڏهن ته هن سال سنڌ کي 229 ارب رپيا گهٽ مليا آهن.ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري ڪلڀوشن ياديو جي حوالي سان مبينا آرڊيننس جي ڪاپي ٽوئيٽر تي جاري ڪئي ۽ چيو ته ڪلڀوشن جي حوالي سان سليڪٽڊ حڪومت جو ڳجهو آرڊيننس برداشت جوڳو ناهي.هن چيو ته سليڪٽڊ حڪومت جي ڳجهي آرڊيننس تي اسان جواب ۽ احتساب جو مطالبو ڪيون ٿا، ڳجهو آرڊيننس هڪ ٻيو سبب آهي ته وزيراعظم کي هاڻ وڃڻ گهرجي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي ٻيو ڀيرو قونصلر پهچ ڏني وئي هئي، جڏهن ته اڄ پاڪستاني حڪومت ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن کي ٽيون ڀيرو قونصلر پهچ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.