اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ ناصر محمود کوسا جو نالو واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو . پنجاب اسمبلي جي مخالف ڌر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ميان محمد الرشيد ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي وچ ۾ نگران وڏي وزير لاءِ اڳوڻي بيوروڪريٽ ناصر کوسا جي نالي تي اتفاق ڪيوويو هو جنهن باضابطه اعلان پڻ ڪيو. نجي ٽي وي موجب بني گالا ۾ عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪورگروپ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پارٽي جي مرڪزي قيادت شرڪت ڪئيم جڏهن ته پنجاب ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمود الرشيد چوڌري سرور ۽ اعجاز چوڌري ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ميڊيا جي رپورٽن موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير واري معاملي کي خاص طور تي ايجنڊي ۾ شامل ڪيو ويو ۽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت ناصر کوسا جي نالي تي خدشن جو اظهار ڪيو. رپورٽن موجب پي ٽي آءِ جي اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ نامز ناصر کوسا جو نالو واپس وٺڻ فيصلو ڪيو ويو جنهن جي تصديق پنجاب اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمود الرشيد جي طرفان پڻ ڪئي وئي آهي ۽ هن چيو آهي ته صلاح مشوري بعد هاڻ نئون نالو ڏنو ويندو. ميڊيا جي رپورٽن موجب جڏهن کان ناصر کوسا جو نالو پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ سامهو آيو ته تڏهن کان پي ٽي آءِ جي ڪجهه سينيئر اڳواڻن ان حوالي سان خدشن جو اظهار ڪيو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جو موقف هو ته اهو نالو تحريڪ انصاف جي پاليسي موجب ناهي، ناصر کوسا شريف ڀائرن جي ويجهو رهيو آهي ۽ نواز شريف سان گڏ ڪم پڻ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هو چيف سيڪريٽري پنجاب طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.ان حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب اسمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمود الرشيد چيو ته پنجاب ۾ نگران وڏي وزير لاءِ لاءِ ناصر کوسا جو فائنل ڪيل نالو هاڻي واپس ورتو پيو وڃي ۽ نئين نالي تي غور ويچار ڪري رهيا آهيون، ڪجهه ڪلاڪن بعد نئون نالو پنجاب جي وڏي وزير کي ڏينداسين. هن چيو ته ناصر کوسا جو نالو سامهون اچڻ بعد هڪ تاثر جوڙيو ته هي (ن) ليگ جو ماڻهو آهي، ۽ نواز شريف پڻ چيو ته هو ساڻس گڏ ڪم ڪري چڪو آهي، ان تي پارٽي قيادت وچ ۾ صلاح مشورو ٿيو، پارٽي جو جيڪو پهريان فيصلو ڪيو هو انهن نالن کي واپس ورتو ويو آهي، هاڻي جيڪو نالوسامهون ايندو ڪجهه ڪلاڪن اندر وڏي وزير کي ڏينداسين.