پي ٽي آءِ وارا معيشت کي سنڀالي نه سگهيا،قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن؛وڏو وزير

خيرپور ( رپورٽ: شاهد نواز سيال  ) سنڌ وڏي وزير سيد مراد علي شاه سچل سرمست جي 198هين عرس جي موقعي تي درازا پهچي سچل سرمست جي مزارتي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.بعد ۾ وڏي وزيرغريبن ۽ بيواهن ۾ عيد جا تحفا پڻ ورهايا.ان موقعي تي صوبائي وزيراوقاف فراز حسين ڏيرو، درگاهه جو سجاده نشين ميان عبدالحق فاروقي،چيف ايڊمنسٽريٽر منور علي مهيسر، ايم اين اي سيد جاويد شاهه جيلاني،وڏي وزير جو صلاحڪار نواب علي وساڻ، ايم پي ايز ساجد حسين ٻانڀڻ، نعيم احمد کرل، غزاله سيال، منور وساڻ، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين شهرياروساڻ، ڪمشنر سکر ڊويزن رفيق احمد ٻرڙو، ڊي سي خيرپور محمد نعيم سنڌو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه درگاهه جي اڱڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درگاهه سچل سرمست جي ترقياتي ڪمن لاءِ ڪيل سمورن اعلانن ۽ واعدن تي عمل ڪيو ويندو ۽ مالي بحران باوجود ايندڙ بجيٽ ۾ درگاهه جي اسڪيم منظور ڪئي ويندي ۽ سچل سرمست جي مزار تي حاضري لاءِ ايندڙ زائرين کي ڀرپور سهولتون مهيا ڪيون وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اين آءِ سي وي ڊي، جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ عدالتي حڪم تحت وفاق حوالي ٿيڻيون هيون، پر تاريخ گذري چڪي آهي، اسان سپريم ڪورٽ ۾ رويو پٽيشن داخل ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت اهي اسپتالون پاڻ هلائڻ گهري ٿي، مالي بحران سان مسئلا ضرور ٿيا آهن پر هو وفاقي حڪومت کي چوندو ته اسين مالي بحران تي ڪنهن به طريقي سان ضابطو آڻينداسون ۽ اسپتالن کي به پاڻ هلايو ويندو. سيد مراد علي شاهه ڊالر وڌڻ ۽ مهانگائيءَ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ڊالر وڌڻ بابت ڪرتاڌرتا ماڻهن کان ئي پڇيو وڃي، پر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سٺو نه پيو ٿئي، ڊالر جو ملهه وڌڻ سان عوام جون تڪليفون اڃا وڌنديون، پي ٽي آءِ وارا معيشت کي سنڀالي نه سگهيا آهن، قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن ۽ غريب مشڪل زندگي گذاري رهيو آهي، الله تعاليٰ شل وفاقي حڪومت کي هدايت ڏئي ته اها هيڏانهن هوڏانهن جي شين کان علاوه حڪومت تي ڌيان ڏئي جن ماڻهن کي ڪهڙي به طريقي سان کين ووٽ ڏنو آهي ته انهن جو به فرض ٿو بڻجي ته عوام جي خدمت ڪئي وڃي جيڪا اهي نه ڪري سگهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته بدليون سياسي بنيادن تي ناهن ٿينديون، پر حڪومت ڪندي آهي، حڪومت ضرور سياسي جماعت جي هوندي آهي، جيڪڏهن پنجاب ۾ 4 آءِ جي بدلجي ويا ته ڇا اهو سياسي بنياد هو، اهو حڪومت جو اختيار آهي، اسان به هتي اهو قانون آندو آهي جنهن جي اهي پاڻ ڳالهه ڪري رهيا هئا ته 2002 جو قانون سٺو آهي ان کي واپس آندو وڃي، اهو ئي قانون پنجاب ۾ لاڳو آهي، سنڌ ڇا الڳ مٽي مان ٺهي آهي ته جيڪا شيءِ ٻئي هنڌ لاڳو آهي اُها هتي نه ٿي ٿي سگهي ۽ هتي ماڻهن کي سياسي دٻاءَ ۽ سياسي ڳالهيون ٿيون لڳن، اهو تاثر بلڪل غلط آهي. پوليس نه پر پوري بيوروڪريسي ۾ بدليون مقرريون حڪومت جو ڪم آهي، ماڻهو کين ووٽ ۽ اختيار ئي ان ڪري ڏيندا آهن ته ماڻهن جي خدمت ڪئي وڃي. اسان رڳو حڪومتي نظرداري ڪئي آهي حڪومت جا چونڊيل ۽ عوامي نمائندا اهي فيصلا ڪندا، ان کان علاوه صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي پبلڪ سيفٽي ڪميشن جوڙيون آهن. ڪي ايم سي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايڇ آر جو مسئلو حل ڪيو آهي، تازو ئي هُن ڪانٽريڪٽ جو مدو وڌايو آهي ۽ کين قانون تحت ريگيولر ڪرڻ لاءِ به چيو آهي، جڏهن ته ٻيون ضرورت جون شيون ايندڙ بجيٽ ۾ رکي رهيا آهيون ته جيئن ڪي ايم سي جو رجسٽريشن جو مسئلو حل ٿي سگهي. سنڌ ۾ ايڊز بابت شيخ رشيد جي بيان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ سنڌ چيو ته شيخ رشيد جي ڳالهه نه ڪيو، باقي سنڌ حڪومت کي ايڊز پکڙجڻ تي ڳڻتي آهي، حڪومت فوري ايڪشن ورتو آهي ۽ آغا خان جا ڊاڪٽر اُتي موجود آهن ۽ جاچ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت پاران ماڻهن کي ايڇ آءِ وي جي ڦهلجڻ جي سببن بابت آگاهي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، اسين زمين تي وڃي ڪم ڪري رهيا آهيون باقي سياسي بيان ڏيڻ سان ايڊز ختم ڪونه ٿيندي، ايئن ته مون به اخبارن ۾ پڙهيو آهي ته ريلوي جو 28 ارب رپيا خسارو ٿيو آهي، شيخ رشيد ان کي هلائڻ گهري يا ٻوڙڻ گهري سندس مرضي، جڏهن ته پي ٽي آءِ حڪمرانن معيشت سان جيڪا حالت ڪئي آهي ان جو مثال نه ٿو ملي ۽ ماڻهو مهانگائيءَ جي بار هيٺان دٻجي مري رهيا آهن انهن جو خيال ڪيو وڃي. بلدياتي نظام بابت وزيراعليٰ سنڌ چيو ته مڪاني ادارن واري نظام جي اسٽڊي ڪيون پيا ۽ صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته اسانجو به 4 سالن جو تجربو آهي ۽ چاهيون ٿا ته بلدياتي نظام ۾ بهتري جيتري بهتري آڻي سگهجي ٿي اها آڻينداسين. عيد کانپوءِ اپوزيشن جماعتن جي اتحاد ۽ حڪومت خلاف احتجاج بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته احتجاج ۾ پارتي شامل هوندي يا نه ان بابت پارٽي قيادت ڪندي ته احتجاج ڪهڙي طريقي سان ڪرڻو آهي. بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه راڻيپور پهچي پير آف راڻيپور سيد بگن شاهه جيلاني ۽ ايم پي اي احمد رضا شاهه سان پير سيد ڀورل شاهه جي وفات تي عذرخواهي ڪئي.ياد رهي ته سچل سرمست جي عرس جو پهرين ڏينهن درگاه جي گاڌي نشين ميان عبدالهق فاروقي چادر چاڙهي افتتاح ڪيو هو ۽ عرس جي ٻئي ڏينهن تي صوبائي وزير اوقاف فراز حسين ڏيرودرازا شريف پهچي سچل جي مزار تي چادر چاڙهي افتتاح ڪيو هو ۽ هاڻي ٽئين ڏينهن تي ميڊيا جي سخت تنقيد بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه درازا شريف پهچي سچل سرمست جي درگاه تي پهچي چادر چاڙهي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *