پي ٽي آءِ ميمبر پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ڄاڻن ٿا، ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون: شاهه محمود قريشي

ساهيوال (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان جي اڳواڻي ۾ ڪرپشن خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين، شرافت جي سياست جا قائل آهيون، توهان جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون. ساهيوال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاناما ڪيس ۾ کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته ڇا ن ليگ کان سوال ڪرڻ تحريڪ انصاف جو ڏوهه آهي، انهن کي جواب ناهي ايندو ته حملو ڪندا آهن پر تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي به پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ايندو آهي. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ اڄ عوام جي عدالت ۾ ۽ سڀاڻي قانون جي عدالت ۾ ويندي، عوام ۽ قانون جي ڪچهري ۾ توهان جو مقابلو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته عابد شير علي چئي رهيو آهي عمران خان ۽ آئون سندس ريڊار تي اچي ويا آهيون پر اسان کيس چئون ٿا ته ڪٿي توهان به نه پي ٽي آءِ جي ريڊار تي اچي وڃو.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *