حيدرآباد ( بيورو ) پ پ سينيٽر مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته دهل ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن، توهان جو پيءُ ته توهان کي لاهي سگهي ٿو، فواد چوڌري اوڌر تي ورتل اڳواڻ آهي، پهريون به سنڌ جي حڪمراني تي ڌاڙو هنيو ويو، پي ٽي آءِ سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ چاهي ٿي ته اسان به تيار آهيون. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊئي چيو ته سنڌ حڪومت کي هلڻ ڏيو، پنهنجا واعدا پورا ڪيو، توهان تياري ڪري اچو، جيڪا صورتحال ٿي ڏسي وٺنداسين، بلاول ڀٽو زرداري جي خطاب تي وائڙا ٿي ويا آهن، چون ٿا ته سنڌ حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين، ها هي حددخلي آهي. هن چيو ته وفاقي سرڪار جو ڦاٽل دهل ٻيهر ٻڌجي رهيو آهي، هاڻي صوبائي حڪومت ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته هڪ وزير چوي ٿو ته سنڌ جو پاڻي بند ڪيو، سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ سولو ڪم ناهي، سنڌ حڪومت ڪيرائڻ چاهين ٿا ته اچن، سنڌ حڪومت جي خاتمي تي عوام لاءِ خوشخبري ڪهڙي، پهريون به اسان جي حق تي ڌاڙا هنيا ويا، هڪ هڪ سيٽ وارا حڪمران ٿيا، وڏي وزير جي هٽائڻ جو چوڻ به بداخلاقي آهي، وڏو وزير ايوان چونڊيو آهي، اسان تياري ڪري ڇڏي آهي، وفاق جي ڌمڪين کي سنجيدگي سان ورتو آهي. پ پ اڳواڻ چيو ته ميان صاحب جو به جمهوريت لاءِ ساٿ ڏنو، تحريڪ انصاف جو حڪومت جو انداز صحيح ناهي، عدالت به چئي ڇڏيو آهي ته رڳو جي آءِ ٽي رپورٽ تي حڪومت ڪيرائڻ نه ڏني ويندي، حڪومتي وزير هر ڪنهن جي گرفتاريءَ جون ڳالهيون ڪندا پيا وتن.